اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري سپريم ڪورٽ پاران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فيصلي تي عمل ڪيو ويندو.
هن اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالتون ئي اهو واحد ذريعو آهن، جن ذريعي سندس جماعت لاءِ ڪو رستو نڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ عمران خان کي اسلام آباد ۾ قائم خانگي اسپتال شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جوابدار کي صحت بابت بنيادي حق حاصل آهي.
عدالت عمران خان جي صحت بابت هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم به ڏنو آهي،
عدالت جو چوڻ آهي ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ سندس ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ سندس ڀيڻ عظميٰ خان پڻ عمران خان سان گڏ هوندي.
سپريم ڪورٽ موجب، ميڊيڪل بورڊ ۾ عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان پڻ شامل هوندي.
You might also like