”اسپتال نه اچو، گهرن ۾ عمران خان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪيو“ پي ٽي آءِ قيادت جي ڪارڪنن کي اپيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر جنيد اڪبر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ان تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ پيدا نه ڪندا.
ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف يقيني بڻائيندي ته الشفا اسپتال جي ٻاهران امن امان جي صورتحال خراب نه ٿئي.
هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته ذميواري ۽ ڊسيپلين جو مظاهرو ڪندي پرامن رويو اختيار ڪن.
سندس چوڻ هو ته اِها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اسلام آباد يا الشفا اسپتال ڏانهن نه اچون، پر گهرن ۾ رهي عمران خان جي صحت لاءِ دعا ڪيون.

You might also like