اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي حڪم کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان کي انصاف ملي ويو.
سندس چوڻ هو ته عدالتن جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي، جيڪڏهن عدالتون انصاف نه ڏينديون ته عوام ڪيڏانهن ويندي؟
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي جلد عملدرآمد ٿيندو.
سهيل آفريدي موجب، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا واعدو ڪيو آهي ته اسپتال جي چوڌاري پاڪستان تحريڪِ انصاف جو ڪو به ڪارڪن گڏ نه ٿيندو.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ پنهنجي حڪم ۾ پي ٽي آءِ کي هدايت ڪئي هئي ته عمران خان جي صحت تي سياست نه ڪئي وڃي.
عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ مان روشني جو ڪرڻو ڦٽيو آهي.
سندس چوڻ هو ته عدالت رياست جي سمورن ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته عمران خان جي صحت پهرين ترجيح آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته ٻن ڏينهن اندر عمران خان کي اڊيالا جيل مان شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته اسان ٿورائتا آهيون ته اهو حڪم جاري ٿيو، جنهن جو مطالبو اسان هڪ سال کان ڪري رهيا هئاسين.
هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن جو بورڊ جوڙڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ سمورن شعبن جا اسپيشلسٽ شامل هوندا، جيئن اهو پتو لڳائي سگهجي ته عمران خان کي جيڪا بلڊ پريشر جي بيماري ٻڌائي پئي وڃي، اها ڇو ٿي؟ عمران خان جي اک ۾ ڪلاٽ ڇو آيو؟
عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم، اسپتال ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪن گڏ نه ٿيندا: ڪي پي جو وڏو وزير
You might also like