عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم، پي ٽي آءِ اڳوڻي وزيراعظم جي صحت تي سياست نه ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي اسلام آباد جي خانگي اسپتال شفا انٽرنيشنل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جوابدار کي صحت بابت بنيادي حق حاصل آهي.
عدالت عمران خان جي صحت بابت هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت جو چوڻ آهي ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ سندس ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ سندس ڀيڻ عظميٰ خان به عمران خان سان گڏ هوندي.
سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان به شامل هوندا.
ان کانسواءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ اهو حڪم پاڪستان تحريڪِ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا ۽ عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان جي درخواستن تي ڏنو آهي، جن اڳوڻي وزيراعظم جي صحت ۽ ساڻس ملاقاتن تي پابندي بابت درخواستون داخل ڪرايون هيون.
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بئنچ پنهنجو حڪمنامو ٻڌائيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت پي ٽي آءِ ڪا سياست نه ڪندي ۽ اڳوڻو وزيراعظم ايندڙ ٻڌڻي تائين اسپتال ۾ ئي رهندو.
عدالت انهن درخواستن جي ايندڙ ٻڌڻي 16 سيپٽمبر مقرر ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو آهي ته عمران خان جي علاج تي ايندڙ سمورا خرچ سندس خاندان ادا ڪندو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عمران خان کي جڏهن اسپتال منتقل ڪيو وڃي ته اتي امن امان جي صورتحال ۾ ڪو خلل پيدا نه ٿيڻ گهرجي.
عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڇا چيو ويو هو؟
عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ اينگزائٽي (بي چيني) جو ليول ٽي پلس بيان ڪيو ويو آهي، جنهن کي نهايت شديد سمجهيو ويندو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آخري ڀيرو طبي معائنو 10 آگسٽ 2026 تي ميڊيڪل بورڊ ڪيو هو ۽ هن ميڊيڪل بورڊ ۾ اکين، دل جي بيمارين ۽ ميڊيسن جي ماهر ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو ويو هو.
سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب، اڳوڻي وزيراعظم جي عمر لڳ ڀڳ 73 سال آهي ۽ طبي معائني دوران عمران خان جو بلڊ پريشر 140/80، جڏهن ته نبض 54 في منٽ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي اي سي جي نارمل، سينو صاف ۽ دل جا وال ۽ چيمبرز نارمل قرار ڏنا ويا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان مٿو ڳورو ۽ دل جي ڌڙڪن تيز محسوس ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ موجب سيني ۾ سور يا ساهه ۾ تڪليف جي ڪا شڪايت نه هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ميڊيڪل بورڊ بلڊ پريشر ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ لاءِ دوائون تجويز ڪيون هيون.

 

You might also like