پي ٽي آءِ ڏاڍي دير ڪئي، اڳ ئي قانوني رستو اختيار ڪري ها عمران خان کي رليف اڳ ملي وڃي ها: رانا ثناءُالله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله عمران خان بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آزاداڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ گهيراءَ بدران قانوني رستو اختيار ڪري ها ته رليف اڳ ملي وڃي ها.
راڻا ثناءُالله چيو ته تحريڪ انصاف وڏي دير ڪئي، سڌو رستو اهو ئي هو، تحريڪ انصاف درست فورم تي ڪيس رکيو، جنهن جو فيصلو ميرٽ موجب آيو آهي.
هن چيو ته تحريڪِ انصاف اڄ عدالت جي واکاڻ ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ کي گهرجي ته جڏهن فيصلو پنهنجي پسند جو نه هجي، تڏهن به عدالتن جو احترام ڪري.
اپوزيشن سان ڳالهين بابت راڻا ثناءُالله چيو ته ڳالهين بابت وزيراعظم جي آڇ ڊگهي عرصي کان موجود آهي، پر اپوزيشن طرفان ان تي هاڪاري ردعمل ناهي مليو.
نوان صوبا ٺاهڻ بابت سندس چوڻ هو ته صوبن جي حوالي سان هن وقت تائين رڳو بحث براءِ بحث ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪا واضح ڳالهه سامهون ايندي ته مسلم ليگ ن پنهنجي راءِ قائم ڪندي.

 

You might also like