ٽياڪڙ ملڪ آبناءِ هرمز بابت معاهدي کانپوءِ ايران-آمريڪا کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا: قطر

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته ٽياڪڙ ملڪ آبناءِ هرمز بابت معاهدي کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.
پريس ڪانفرنس دوران قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائيندڙ ملڪ آبناءِ هرمز بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ معاهدي جي اعلان جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ماجد الانصاري موجب، ان معاهدي کانپوءِ واشنگٽن ۽ تهران کي جنگ جي خاتمي لاءِ ٻيهر ڳالهين جي شروعات تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
قطري پرڏيهي وزارت موجب، ايراني پائلٽن بابت معاملي تي ايراني وفد کي قطر اچڻ جي دعوت اڃا به برقرار آهي، جڏهن ته تهران طرفان هن وقت تائين ان حوالي سان ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو.
واضح رهي ته گذريل هفتي ايران قطر تي الزام لڳايو هو ته جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جهاز ڪرڻ کانپوءِ هن ايراني هوائي فوج جي ٽن پائلٽن کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته قطر ايراني الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو هو. چوٿون پائلٽ حادثي ۾ مارجي ويو هو، قطري اختيارين سندس لاش هٿ ڪري ايران حوالي ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like