سنڌ ۾ هائيڊرو ڪاربن جي وڏي دريافت، تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ نئون دڳ کلي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سامونڊي پٽيءَ واري علائقي ۾ نئين هائيڊرو ڪاربن جي پلي، يعني اعليٰ معيار جي گئس جي پهرين ڪامياب دريافت ٿي آهي.
پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) موجب، ڪمپني سنڌ جي ضلعي سجاول ۾ پنهنجي آپريٽڊ سراني بلاڪ جي دريافتي کوهه ڊولفن مان گئس جي اهم ۽ انوکي دريافت ڪئي.
پي پي ايل جو چوڻ آهي ته اها لوئر انڊس بيسن جي جراسڪ دور جي چلتن فارمَيشن مان هائيڊرو ڪاربن جي پهرين دريافت آهي.
ڪمپني موجب، هن دريافت سان علائقي ۾ پيٽروليم سسٽم جي موجودگي ثابت ٿي وئي آهي.

 

You might also like