”هو ڪوڙو آهي“ آمريڪا سان ڳجهن رابطن واري ٽرمپ جي دعويٰ تي پاسدارانِ انقلاب جو ردعمل

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسدارانِ انقلاب فورس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن به قسم جي رابطي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سپاهه جي ترجمان حسين محبيٰ ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان تي ردعمل ڏيندي چيو، جنهن ۾ ٽرمپ آمريڪا ۽ پاسدارانِ انقلاب فورس وچ ۾ ڳجهن رابطن بابت ميڊيا رپورٽن جي تصديق ڪئي هئي.
هن چيو ته ”ٽرمپ جي اها دعويٰ ڪوڙ آهي ۽ رڳو اهڙيون خيالي ڳالهيون آهن، جيڪي جنگ ۾ ناڪامي ۽ بيوسي سبب پيدا ٿيندڙ وهم ۽ ڀوائتن خوابن جو نتيجو آهن.“
برگيڊيئر محبيٰ موجب،ٽرمپ انهن بيانن ذريعي دنيا ۾ تيل ۽ توانائي جي اگهن کي عارضي طور ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر سندس اڳيان هڪ ئي حقيقي رستو آهي، ۽ اهو آهي پنهنجي شڪست تسليم مڃي ۽ ايران طرفان مقرر ڪيل شرط قبول ڪري.

 

You might also like