ٽهڪن جي ٽوڪري ”مالامال ويڪلي 2“ ٺاهڻ جون تياريون، رتيش ديشمک مُک ڪردار لاءِ حامي ڀري ورتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊي فلم ”مالامال وِيڪلي 2“ لاءِ رتيش ديشمُک، الوش يادَو، پريش راول ۽ راجپال يادَو کي چونڊيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم ۾ مُک ڪردار رتيش ديشمک ادا ڪندو، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته هو اڃا اسڪرپٽ پڙهي رهيو آهي ۽ فلم لاءِ باضابطا معاهدي تي صحيح ناهي ڪئي.
سيڪوئل ۾ اصل فلم جا اهم اداڪار رتيش ديشمک، پريش راول ۽ راجپال يادَو ٻيهر نظر ايندا، جڏهن ته ”بگ باس او ٽي ٽي“ سيزن 2 جو فاتح الوش يادَو به مرڪزي ڪاسٽ ۾ شامل هوندو.
الوش يادَو جي هي ٻي بالي ووڊ فلم هوندي، هو هڪ مشهور يوٽيوب ڪنٽينٽ ڪريئيٽر پڻ آهي.
رپورٽن موجب، هڙئي اداڪار زباني طور فلم جو حصو بڻجڻ جي تصديق ڪري چڪا آهن، جڏهن ته باضابطا ڪاغذي ڪارروائي جاري آهي.
رپورٽ موجب، ”مالامال وِيڪلي 2“ جي ڪهاڻي نئين هوندي، پر فلم جو اصل مزاحيه انداز برقرار رکيو ويندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فلم جي ڪهاڻي پهرين فلم جيان ٻئي حصي ۾ هڪ ننڍڙي شهر جي عام ماڻهن آڌريل هوندي، جيڪي غربت، لالچ ۽ اوچتو امير ٿيڻ جي امڪان سبب هڪ اهڙي صورتحال ۾ ڦاسي ويندا، جيڪا هوريان هوريان افراتفري ۾ تبديل ٿي ويندي.
فلم جي هدايتڪاري اميت جوشي ڪندو، جڏهن ته پروڊڪشن جو عمل نومبر 2026ع کان شروع ٿيندو.
واضح رهي ته 2006ع ۾ رليز ٿيل” مالامال وِيڪلي“ باڪس آفيس تي ڪامياب فلم ثابت ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ان جا تيلگو، ڪَنڙ ۽ مليالم ٻولين ۾ ريميڪ پڻ ٺاهيا ويا هئا.

You might also like