جاڙيجا جو گال ٽيسٽ ۾ تاريخي ڪارنامو، آل رائونڊر ليجنڊ ڪپل ديو سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ورتو

گال (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 350 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون، اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ هو ڀارت جو پنجون بالر بڻجي ويو آهي.
جاڙيجا گال ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي ڪيشرا نوانٿا کي آئوٽ ڪري پنهنجي 350هين ٽيسٽ وڪيٽ حاصل ڪئي، هن اهو ڪارنامو پنهنجي 90هين ٽيسٽ ميچ ۾ انجام ڏنو.
جاڙيجا کان اڳ ڀارت لاءِ انيل ڪمبلي 619، روين چندرن ايشون 537، ڪپل ديو 434 ۽ هرڀجن سنگهه 417 ٽيسٽ وڪيٽون وٺي چڪا آهن.
جاڙيجا 350 ٽيسٽ وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٽيون کاٻڙيل اسپنر پڻ بڻجي ويو آهي، ان فهرست ۾ سريلنڪا جو رنگانا هيرٿ 433 ۽ نيوزيلينڊ جو ڊينيئل ويٽوري 362 وڪيٽن سان کانئس اڳتي آهن.
جاڙيجا لاءِ هي ڪارنامو ان ڪري به خاص آهي، ڇاڪاڻ ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ رنسون ۽ 350 وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو چوٿون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ ڪپل ديو، آئن بوٿم ۽ ڊينيئل ويٽوري اهو اعزاز ماڻي چڪا آهن.

 

You might also like