ايشين گيمز لاءِ افغانستان اسڪواڊ جو اعلان، درويش رسولي ڪپتان مقرر

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ايشين گيمز 2026ع لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي قيادت درويش رسولي ڪندو.
ٽيم ۾ گهڻي ڀاڱي نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته نجيب الله زدران ۽ ڪريم جنت جهڙا تجربيڪار رانديگر به اسڪواڊ جو حصو آهن.
افغانستان جي آفيشلي ڪپتان راشد خان سميت رحمان الله گُرباز ۽ عظمت الله عمرزئي ايشين گيمز اسڪواڊ ۾ ناهن.
ايشين گيمز جا مقابلا 24 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين جپان جي ايچي-ناگويا ۾ جاري رهندا.
افغانستان ان کان اڳ ڀارت خلاف دهلي ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ميزباني ڪندو.
افغان اسڪواڊ ۾ محمد اڪرم شپيگيزا ڪرڪيٽ ليگ جي تازي ايڊيشن ۾ 8 اننگز دوران 339 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته آل رائونڊر عصمت عالم 294 رنسن سان گڏ 9 وڪيٽون وٺي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو هو.
ايشين گيمز لاءِ اعلانيل ٽيم ۾ درويش رسولي (ڪپتان)، محمد اسحاق (وڪيٽ ڪيپر)، محمد اڪرم، حسن عيسيٰ خيل، خالد تنيوال، عمران مير، فيصل خان شينوزاده، نجيب الله زدران، فرمان الله صافي، عصمت عالم، ڪريم جنت، ننگيال خروٽي، عرب گل مومند، فريدون دائودزئي ۽ عبدالله احمدزئي.

 

You might also like