گال ٽيسٽ: سوٽهڙ ۽ جاڙيجا جي جادوئي بالنگ، سريلنڪا 284 تي ڍير، ڀارت کي 178 رنسن جي سرسي

گال (ويب ڊيسڪ) گال ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڀارتي اسپنرن مناوَ سوٽهڙ ۽ رويندرا جاڙيجا جي شاندار بالنگ سبب سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 284 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن سان ڀارت کي 178 رنسن جي سرسي حاصل ٿي وئي.
ٽئين ڏينهن راند جي شروعات ڀارت جي پهرين اننگز 462 رنسن تي ختم ٿي، جنهن کانپوءِ سريلنڪن بيٽرز بيٽنگ لاءِ ميدان تي لٿا. شروعاتي اوورن ۾ ڀارتي بالرن تڪڙيون وڪيٽون وٺي ميزبان ٽيم کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو.
جنهن کانپوءِ ڊگهي عرصي بعد ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ نروشن ڊڪوِيلا ۽ نوجوان سونل دينوشا اننگز کي سنڀالي ورتو.
ڊڪويلا 80 رنسن جي اهم اننگز کيڏي پنهنجي چونڊ کي درست ثابت ڪيو، جڏهن ته سونل دينوشا شاندار مزاحمت ڪندي سينچري اسڪور ڪئي.
ڊڪويلا ۽ دينوشا ڇهين وڪيٽ لاءِ 146 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ڪئي، جنهن سريلنڪا کي وڏي نقصان کان بچايو.
سونل دينوشا ڀارتي بالرن جي دٻاءَ باوجود ڪريز تي مضبوط بيٺو رهيو ۽ 167 بالن تي 100 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا.
ڀائيواري ٽٽڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي بالرن جو جادو هلي پيو ۽ سريلنڪن بيٽرز وقفي وقفي سان وڪيٽون وڃائيندا رهيا.
مناوَ سوٽهڙ 4 ۽ رويندرا جاڙيجا 3 وڪيٽون وٺي سريلنڪن بيٽنگ لائين کي 284 رنسن تائين محدود ڪيو.
آخري وڪيٽ ڪرڻ سان گڏ ٽئين ڏينهن جي راند ختم ڪئي وئي.
ڀارت کي هاڻي 178 رنسن جي سرسي حاصل آهي ۽ هو چوٿين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز شروع ڪندو.

 

You might also like