ڪراچي جي بدحالي جا ذميوار پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي دنيا جو چوٿون بدترين شهر آهي، ايستائين پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني پهچايو آهي.
ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته ڪراچي کان به وڌيڪ خراب ٽن شهرن مان ٻه هن وقت گهرو ويڙهه جو شڪار آهن، جڏهن ته ٽئين شهر ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران سوين ماڻهو مارجي ويا هئا.
هي اهو ڪراچي آهي، جتي پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني اسان کي پهچايو آهي.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جيئن ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، ان بااختيار ۽ اثرائتي مڪاني حڪومت جو نظام ختم ڪري ڇڏيو ۽ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ۾ به اثرائتي مڪاني حڪومت جي ڪنهن به تجويز ڪيل نظام جي مخالفت ڪئي، سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو ان جو ڪو ارادو ناهي.
اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سمورن رهواسين سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي، چاهي معاملو سرڪاري نوڪرين جو هجي، ترقياتي ڪمن جو يا پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو.
هن چيو ته هاڻي بااثر حلقا حقيقي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پوءِ کڻي اهي اختيار مڪاني حڪومتن، انتظامي يونٽن يا ننڍن صوبن کي منتقل ڪرڻ جي صورت ۾ هجن، مون کي خبر ناهي ته اهو عمل ڪٿي وڃي بيهندو، پر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو به فوري طور تي.

You might also like