ليڊز(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي شرڪت شڪي آهي.
بابر اعظم ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ دوران ساڄي هٿ جي آڱر تي لڳل ڌڪ سبب انجري جو شڪار ٿيو هو، جڏهن ته انگلينڊ ۾ پريڪٽس ميچ دوران سندس ساڳئي هٿ تي ٻيهر بال لڳڻ سبب هو رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انتظاميا موجب، بابر اعظم جي پهرين ٽيسٽ ۾ کيڏائڻ بابت حتمي فيصلو ميڊيڪل پئنل جي رپورٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي جي صلاح مشور کانپوءِ ميچ واري ڏينهن ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هيڊنگلي ۾ ٽريننگ دوران بابر اعظم نيٽس ۾ ٿوري دير بيٽنگ پڻ ڪئي، پر سندس نيٽس ۾ رهڻ جو وقت مختصر هو.
پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس جو چوڻ هو ته بابر ڪجهه ٿرو ڊائونز ۽ بيٽنگ پريڪٽس ڪئي آهي، پر سندس ميچ ۾ شرڪت بابت فيصلو طبي مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو.
جيڪڏهن بابر اعظم پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر ٿي ويو ته سعود شڪيل ۽ اويس ظفر ٻنهي کي پاڪستان جي مڊل آرڊر ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، سعود شڪيل وارم اپ ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي هئي.
ٻئي پاسي پاڪستان جي ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود جي فٽنيس بهتر ٻڌائي پئي وڃي.
آڱر جي فريڪچر سبب ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ کان ٻاهر رهندڙ شان مسعود هيڊنگلي ۾ نيٽس تي مڪمل سيشن دوران بيٽنگ ڪئي
ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 19 آگسٽ کان ليڊز ۾ شروع ٿيندي.
You might also like