جڳ مشهور پورچوگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو اشارو ڏنو آهي ته موجودا سيزن فٽبالر طور سندس ڪيريئر جو آخري سيزن ٿي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب،41 ورهين جي رونالڊو پنهنجي ساٿي جورجينا روڊريگيز سان شادي کانپوءِ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”هي شايد فٽبال ۾ منهنجو آخري سال هجي ۽ مان هڪ شاندار ورثو ڇڏڻ چاهيان ٿو.“
رونالڊو چيو ته هن فٽبال کانپوءِ پنهنجي مستقبل جي مڪمل رٿابندي ڪري ڇڏي آهي ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون موجود آهن.
هن چيو ته هو وڌيڪ تفريح، سفر ۽ پيڊل کيڏڻ ۽ ڏسڻ سان گڏ پنهنجي حاصل ڪيل ڪاميابين مان لطف اندوز ٿيڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته فٽبال جو سفر 25 سالن جي قربانين تي ٻڌل رهيو آهي.
واضح رهي ته رونالڊو پنج ڀيرا بيلن ڊي اور ۽ پنج ڀيرا چيمپئنز ليگ جو ٽائيٽل کٽي چڪو آهي.
هو انگلينڊ، اسپين، اٽلي ۽ سعودي عرب ۾ ليگ ٽائيٽلز پڻ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته مردن جي انٽرنيشنل فٽبال ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر جو اعزاز به سندس نالي آهي.
پورچوگال جو ڪپتان گذريل اٽڪل چئن سالن کان سعودي پرو ليگ جي ڪلب النصر سان واڳيل آهي، جتي سندس معاهدي ۾ اڃا هڪ سال باقي آهي.
جڏهن جولاءِ ۾ رونالڊو کان پڇيو ويو ته ڇا ايندڙ فيفا ورلڊ ڪپ سندس آخري ورلڊ ڪپ هوندو، ته هن چيو هو ته هو پنهنجي ڪٽنب سان صلاح مشوري کانپوءِ ان بابت پرسڪون ذهن سان فيصلو ڪندو.
You might also like