برطانوي وزيراعظم ٽرمپ جي جعلي چيف آف اسٽاف سان پيغامن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم اينڊي برنهم هڪ اهڙي شخص سان پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو پاڻ کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چيف آف اسٽاف سوزي وائلز طور ظاهر ڪري رهيو هو.
برطانوي ميڊيا موجب برنهم کي بعد ۾ شڪ ٿيو ته رابطو حقيقي نه آهي.
ڊائوننگ اسٽريٽ ان سيڪيورٽي واقعي بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته حڪومت قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي تبصرو نٿي ڪري.
رپورٽن موجب برنهم ۽ جعلي سوزي وائلز وچ ۾ رڳو ڪجهه پيغامن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي وچ ۾ فون تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيغامن ۾ ڪا اهم يا حساس معلومات شامل نه هئي.
برطانوي سفارتخاني واقعي بابت وائيٽ هائوس کي پڻ آگاهه ڪيو، جڏهن ته برطانوي اختيارين کي خدشو هو ته شايد سوزي وائلز جو فون ٻيهر هيڪ ڪيو ويو هجي.
واضح رهي ته گذريل سال به سوزي وائلز جي نالي سان آمريڪي سينيٽرن، گورنرن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پيغام ۽ فون ڪالون ڪيون ويون هيون، جنهن تي وائيٽ هائوس ۽ ايف بي آءِ جاچ ڪئي هئي.
ان وقت وائلز چيو هو ته سندس فون جا رابطا هيڪ ڪيا ويا هئا.

You might also like