اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مڙس تي تشدد جي الزام ۾ گرفتار عورت آمنه سعيد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران مڙس جي وڪيل جا دليل شروع ٿيندي ئي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
جسٽس خادم حسين سومرو مڙس تي تشدد واري ڪيس ۾ گرفتار عورت آمنه سعيد جي ضمانت لاءِ سندس والد طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عورت پنهنجي مڙس کي 3 ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ موجود آهن.
ان تي جج چيو ته توهان پاڻ به کي رهيا آهيو، تنهنڪري سڄي عدالت به کلي پئي، اها رپورٽ ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ فورس جي اهلڪار کي عورت مارڪٽ ڪئي آهي، ڇا اها عورت ڪائي ڪمانڊو آهي؟
مڙس جي وڪيل ٻڌايو ته عورت وٽان لوهه جي راڊ هٿ آئي آهي، جيڪا باقاعده تيار ڪري رکي وئي هئي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عورت ڪاوڙ ۾ ماريو به آهي ته هوءَ گهر جي ”لارڊشپ“ آهي، جنهن تي عدالت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪڙو مچي ويو.
وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته عورت فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ ڪيترائي اهڙا خانداني معاملا آهن، جن تي هو عدالت ۾ بحث ڪرڻ نه ٿو چاهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا تشدد کانپوءِ زال پاڻ ئي مڙس کي گاڏي ۾ اسپتال به وٺي وئي هئي؟
فريادي جي وڪيل ٻڌايو ته عورت مڙس سان گڏ ٻن نياڻين تي به تشدد ڪيو آهي.
عدالت پڇيو ته پي ايڇ ڊي کانسواءِ عورت ٻيو ڪهڙو ڪم ڪري ٿي؟ جڏهن عورت کي گرفتار ڪيو ويو ته ڇا سندس ذهني توازن به چيڪ ڪرايو ويو؟ ان تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته عورت جو ذهني توازن چيڪ نه ڪرايو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مڙس تي تشدد جي الزام ۾ گرفتار عورت جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
مڙس تي تشدد واري الزام ۾ گرفتار عورت جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي، وڪيل جي دليلن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا
You might also like