عمران خان جي صحت تي سينيٽ ۾ بحث، راڻا ثناءُالله ۽ راجا ناصر عباس آمهون سامهون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله سينيٽ ۾ علامه راجا ناصر عباس کي جواب ڏيندي چيو آهي ته عدالتي حراست ۾ موجود شخص جو اختيار عدالت وٽ هوندو آهي، جيڪڏهن علاج ۾ ڪا کوٽ رهي ته ان جي ذميواري به عدالت جي آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ملڪ جو ساکائتو سياستدان آهي، عمران خان هن ملڪ ۾ ڪو ڪارخانو يا فيڪٽري ناهي لڳائي، کيس ذهني اذيتون ڏنيون پيون وڃن ۽ سندس صحت بابت صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي.
راجا ناصر عباس چيو ته حڪومت پاڻ چوي ٿي ته نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، راڻا ثناءُالله کي خبر آهي ته مٿس ڪيس سياستدانن نه پر ٻين ماڻهن ٺاهيو هو.
راڻا ثناءُالله جواب ڏيندي چيو ته ضابطن موجب جيڪو شخص عدالتي حراست ۾ هوندو آهي، ان جو اختيار عدالت وٽ هوندو آهي، علاج ۾ ڪوتاهي ٿئي ته ان جي ذميواري عدالت جي آهي.
هن چيو ته عمران خان جي بلڊ پريشر بابت جيڪا ڄاڻ حاصل ڪئي وئي، ان مان مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڳڻتي جي تصديق نه ٿي آهي.
هن چيو ته عمران خان جي ڪٽنب طرفان جن ڊاڪٽرن جا نالا ڏنا ويا، انهن کي طبي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي ٻڌڻي جاري آهي، مخالف ڌر جو اڳواڻ مون کي چئي رهيو هو ته توهان کي خبر آهي، جيڪڏهن مون کي خبر آهي ته علامه صاحب توهان کي به خبر آهي.
سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان عظيم انسان آهي، سندس زندگي سان نه کيڏيو وڃي.
عمران خان ۽ سندس گهرواري جي صحت بابت معاملا فوري طور حل ڪيا وڃن، ڊاڪٽرن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي، اسان چاهيون ٿا ته حڪومت سان راجا ناصر ۽ محمود اچڪزئي گڏجي ويهي ڳالهائين.

You might also like