لبنان ۾ جنگبندي جي اسرائيلي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن ڪيل حملن ۾ حزب الله جي ڪمانڊر ابو حسن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان تي حملا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا هئا.
مارجي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ماڻهو پڻ شامل هئا.