ٽرمپ ايران جي ڌمڪي کانپوءِ پنهنجو بيان سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏيو: قالبياف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته صدر ٽرمپ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪري مزاحمتي محور کي تسليم ڪري ورتو آهي.

قاليباف موجب ٽرمپ جو اصرار هو ته ايران ميزائل ۽ ايٽمي پروگرام، مزاحمت ۽ آبناءِ هرمز کي هڪ پاسي رکي، پر صدر ٽرمپ صحيحون ڪري فارسي ٻوليءَ ۾ مزاحمتي محاذ کي تسليم ڪري ورتو.

هن چيو ته ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو ته آمريڪا ساڳئي رات آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ختم ڪري ڇڏي.

باقر قاليباف چيو ته اسان آمريڪا سان ڳالهين کي جارحاڻي سفارتڪاري سمجهون ٿا.

قاليباف موجب ٽرمپ لکيو هو ته ايراني به آبناءِ هرمز کوليندا، جنهن تي ايران بابت ڳالهه دوران هن ڳالهين ڪندڙن کي چيو ته ٽرمپ پنهنجو بيان واپس وٺي.

هن چيو ته ڳالهين ڪندڙن کي خبردار ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ٽرمپ بيان واپس نه ورتو ته ايران حملو ڪندو، جنهن کان رڳو 58 منٽ پوءِ ٽرمپ پنهنجي بيان جو ٻيو حصو سوشل ميڊيا تان هٽائي ڇڏيو.

باقر قاليباف چيو ته جڏهن اسرائيل لبنان جي داهيه علائقي تي حملو ڪيو ته هن جوابي ڪارروائي کان خبردار ڪيو هو، جڏهن ته سڄي خطي کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي کانپوءِ اسرائيل ٻيهر حملي کان پاسو ڪيو.

You might also like