خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، وڌيڪ 7 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب خاران جي علائقي لجَي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا.

سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان جديد هٿيار، گولا بارود ۽ ٻيو جنگي سامان پڻ هٿ ڪيو ويو.

ذريعن موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان هڪ موٽرسائيڪل ۽ 2 گاڏيون پڻ هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا ٺڪاڻا مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري، اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ خودڪش حملن جي منصوبابندي ۾ ملوث هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ردالفتنه 3 تحت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 10 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

You might also like