وياج جو وڌندڙ مرض ۽ ان جو علاج

اعجاز ممنائي

 وياج جي وڌڻ جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ غربت ۽ بيروزگاري اهم آهن. جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پون ٿا ته ننڍا ڪاروبار يا ذاتي خرچن لاءِ وياج تي قرض وٺن ٿا. اسان وٽ بينڪنگ سسٽم پڻ موجود آهي، تمام گهڻيون بينڪون اڄ به سود/وياج جي بنياد تي هلن ٿيونوياج امير کي وڌيڪ امير ۽ غريب کي وڌيڪ غريب بڻائي ٿو، ائين طبقاتي فرق وڌي ٿو، قوم قرضن جي دلدل ۾ ڦاسي پوي ٿي ۽ ملڪ ترقيءَ جي بدران تباهي ڏانهن وڃي ٿو. اسان جي ملڪ تي به اندروني ۽ بيروني قرضن جو وڏو بار وياج/سود جي ڪري آهي. وياج جو وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو جو رشتا خراب ٿين ٿا، قرض نه ڏيڻ تي دشمنيون پيدا ٿين ٿيون ۽ ماڻهن مان اعتماد ختم ٿئي ٿو. ايتري تائين جو وياج جي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ لڳا آهن. توڙي جو وياج کائڻ واري سان الله ۽ رسول ﷺ جن طرفان جنگ جو اعلان آهي، پوءِ به انسان ان حرام ڪم کان پاسو نه ٿو ڪري. وياج کائڻ وارو قوم ۽ معاشرو اندران خالي ڪري ڇڏي ٿو،

وياج جهڙي مرض جو علاج انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪرڻو پوندو. انفرادي طور قناعت اختيار ڪجي ۽ غير ضروري خرچن کان بچجي، حلال رزق ڪمائجي ۽ بچت جي عادت وڌائجي ۽ ضرورت پوڻ تي دوستن يا رشتيدارن کان بغير سود/وياج جي قرض وٺجي. حڪومتي سطح تي اسلامي بينڪنگ جو فروغ ڏجي ۽ حڪومت کي سود کان پاڪ بينڪنگ سسٽم کي عام ڪرڻ گهرجي. مضاربت، مشارڪت جهڙا اسلامي طريقا اپنائڻ گهرجن، غريبن لاءِ بغير سود ننڍا قرض ڏيڻ جو نظام مضبوط ڪيو وڃي.

وياج تي ڪاروبار ڪندڙن خلاف نه رڳو سخت قانون ٺاهيا وڃن پر انهن تي سختيءَ سان عمل به ڪرايو وڃي. ان لاءِ سماجي سطح تي علماءِ ڪرام ۽ ميڊيا ذريعي ماڻهن ۾ وياج جي حرمت ۽ نقصانن بابت شعور پيدا ڪيو وڃي، "قرض حسنہ” يعني بغير نفعي جي قرض ڏيڻ جي روايت کي عام ڪيو وڃي ۽ زڪوات ۽ صدقات جو نظام مضبوط ڪري غريبن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي وياج ڏانهن نه وڃن. قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن شخص سود/ وياج تي رقم ورتي آهي ۽ هو وياج وغيره ادا نٿو ڪري سگهي ته رقم جي وصولي لاءِ ڪنهن به شخص جو سندس گهر جي دروازي تي وڃي کيس دٻاءُ ۾ آڻڻ، ڌمڪائڻ، ڊڄائڻ، هراسان ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ قانوني مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. "Sindh Prohibition of Interest on Private Loans Act, 2023” تحت وياج جي وصولي لاءِ ڌمڪائڻ يا هراسان ڪرڻ بابت سخت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آهن. ياد رکو، وياج ڏيندڙ شخص اوهان کان اضافي رقم (Interest) جو مطالبو نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي اوهان جي گهر، دڪان يا ويهڪ تي اچي اوهان کي ڊيڄاري، ڌمڪائي يا هراسان ڪري سگهي ٿو.

 جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي طرح اوهان کي تنگ ڪري ٿو ته وڊيو، آڊيو، ميسيجز، ڪال رڪارڊ ۽ شاهدن سميت ثبوت محفوظ ڪريو ۽ لاڳاپيل پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڏيو. جيڪڏهن پوليس قانون موجب ڪارروائي نه ڪري، ته عدالت سان رجوع ڪري قانوني ڪارروائي ۽ FIR لاءِ مناسب رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ائين ڪري ٿو ته ان کي 5 سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ، ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون.

You might also like