ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اين سي سي آءِ پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ڏانهن سوال نامو موڪليو ويو آهي.
جاچ آفيسر پاران اياز لطيف پليجو کان اڻويهه سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن.
سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺهڻ واري بحث کانپوءِ اياز لطيف پليجو کي اين سي سي آءِ پاران طلب ڪيو ويو هو ۽ کيس اهو چيو ويو ته اين سي سي آءِ کيس سوال نامو موڪليندي.
اهو سوال نامو اڄ اياز لطيف پليجو کي ملي ويو آهي ۽ ان ۾ کانئس 19 سوال ڪيا ويا آهن جن جو جواب به 24 ڪلاڪن اندر ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.