تقرير پاڻ ڪئي يا مواد ڪنهن ٻئي ڏنو؟ اياز لطيف پليجي کان اين سي سي آءِ جو سوال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جي اياز لطيف پليجو کي اين سي سي آءِ طرفان 19 سوالن تي ٻڌل سوالنامو موڪليو ويو آهي.

جاچ آفيسر اياز لطيف پليجو کان سنڌ ۾ انتظامي يونٽن بابت ڪيل تقرير جي حوالي سان سوال ڪيا ويا آهن.

موڪليل سوالنامي ۾ اين سي سي آءِ جي جاچ آفيسر اياز لطيف پليجو کان اهو به سوال ڪيو آهي ته توهان جي جيڪا تقرير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ان ۾ توهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو اها تقرير توهان پاڻ تيار ڪئي هئي يا ان جو مواد ڪنهن ٻئي اوهان کي ڏنو هو ان جا تفصيل ڏنا وڃن.

You might also like