چڪ جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، واٽهڙو ۽ 2 ڏوهاري مارجي ويا

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي اندر ڪلهوڙو ڪهراڻي جتوئي ڇڪتاڻ تان چڪ شهر کان ڳوٺ صرفو طرف ويندڙ ٻيڙي مٿان بدنام ڏوهاري اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي جي ٽولي جي فائرنگ هڪ نوجوان آصف پٽ جاويد مهر قتل جڏهن ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي شڪارپور پوليس ڳوٺاڻن پيڇو ڪري ڪچي واري علائقي اندر هٿياربندن سان مقابلو ڪري ڪيترن ڪلاڪن تائين فائرنگ جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي سندس سئوٽ بشير احمد پٽ گل حسن ڪهراڻي جتوئي جي مارجي وڃڻ جا اطلاع اچڻ لڳا جڏهن ته ٽي هٿيار پڻ زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ پاران بدنام ڏوهاري اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي ساٿي بشير ڪهراڻي جتوئي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي پر اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي جو لاش هٿ اچي ناهي سگهيو، ذريعن موجب اسماعيل عرف احسو ڪهراڻي جتوئي جي مارجي وڃڻ لاش سنڌو درياهه لڙهي وڃڻ بابت ڪوئي تصديق ٿيل اطلاع سامهون اچي ناهي سگهيو. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ڪچي واري علائقي اندر پهچي پوليس ٽيم کي وڏي ڪاميابي تي شاباسي ڏني آهي هن چيو ته پوليس هڪ لاش هٿ ڪيو آهي ٻئي جي ڳولا جاري آهي.

You might also like