اين سي سي آءِ اياز لطيف پليجو کان 19 سوال ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪراچي پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ، نامور وڪيل اياز لطيف پليجو کي انڪوائري نمبر 1399/2026 ۾ سوالنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس سوشل ميڊيا تي ڪيل تقرير، ان جي رڪارڊنگ ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ۽ شيئر ٿيڻ بابت مختلف سوال پڇيا ويا آهن. 10 آگسٽ 2026ع تي جاري ڪيل سوالنامي ۾ مجموعي طور 19 سوال شامل آهن، سوالنامي ۾ اياز لطيف پليجو کان سندس ذاتي ڪوائف، موجوده وابستگي ۽ ڪنهن سياسي، قومپرست يا سماجي تنظيم سان لاڳاپي بابت معلومات طلب ڪئي وئي، اين سي سي آءِ پاران پڇيل سوال ۾ سوشل ميڊيا تي ڪيل تقرير جو مقصد ۽ موضوع، تقرير ذريعي ڪنهن مخصوص گروهه يا برادري ۾ خوف، بيچيني، دشمني يا تڪرار پيدا ڪرڻ جي ارادي، جڏهن ته تقرير ۾ ”شيون باهه ڏئي ساڙي ڇڏڻ“ واري بيان جي پسمنظر بابت وضاحت پڻ طلب ڪئي وئي آهي، سوالنامي ۾ 1947ع کان سنڌ سان مبينا فراڊ بابت ڏنل بيان جي بنياد، ان حوالي سان مخصوص واقعن، ذميوارن ۽ ثبوتن بابت پڻ جواب گهريو ويو آهي. ان کان علاوه پروگرام جي منتظمين، دعوت ڏيڻ واري شخص، تقرير تيار ڪرڻ، تقرير جي وڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ جي درستگي ۽ ان ۾ ڪنهن تبديلي بابت سوال ڪيا ويا آهن، اين سي سي آءِ اهو پڻ معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته ڄاڻايل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تائين اياز لطيف پليجو جي رسائي ۽ ڪنٽرول آهي يا نه، مواد ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڊوائيس يا هنڌ تان اپلوڊ ٿيو، ۽ ڇا ان کي بعد ۾ ٻين اڪائونٽن يا پليٽ فارمن تي شيئر، فارورڊ يا پروموٽ ڪيو ويو. سوالنامي ۾ تقرير جي مواد بابت ڪنهن ٻئي شخص يا تنظيم کان هدايتون ملڻ، وڊيو جي رڪارڊنگ، ايڊيٽنگ يا اپلوڊنگ ۾ ڪنهن جي مدد حاصل ڪرڻ ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت يا قوميت رکڻ بابت پڻ سوال شامل آهن، اين سي سي آءِ ڪراچي اياز لطيف پليجو کي هدايت ڪئي آهي ته سوالنامي جا جواب 24 ڪلاڪن اندر هٿ سان يا اي ميل ذريعي جمع ڪرايا وڃن.

You might also like