مهتاب اڪبر راشدي – روشن تارا جو روح

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

اسان ماڻهو  ايڏا ته  ويسارا  آهيون جو اڪثر ڪري اسان کان پنهنجو ماضي وسري ويندو آهي. تنهنڪري اهو ماضي ڪڏهن ڪڏهن ياد ڏيارڻ لاءِ پاڻ ئي اسان وٽ هلي ايندو آهي. گذريل ڇنڇر تي به ائين ٿيو جو جڏهن زرار پيرزادو مون سان گڏ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي اسٽوڊيو بي ۾ داخل ٿيو ته اوچتو ماضي اسان جي آڏو اچي بيٺو ۽ ايئن لڳو ڄڻ وقت هڪدم پنهنجي رفتار روڪي ڇڏي هجي. ٻارن جي مشهور پروگرام ”روشن تارا“ جي ڳالهه ٿيندي ئي سندس اندر ۾ ورهين کان سُتل ٻارڙو جاڳي پيو، جيڪو ڪڏهن هن اسٽوڊيو ۾ ايندو هو،  جنهن جي پتڪڙن هٿن ۾ مائڪرو فون هوندو هيو، جيڪو پنهنجي معصوم لهجي ۾ ڪو نظم ٻڌائيندو هيو، سوالن جا جواب ڏيندو هيو، پروگرام جي ميزبان مهتاب راشديءَ کان گفٽ وٺي خوش ٿيندو گهر هليو ويندو هيو.

زرار پيرزادو هاڻي وڏو ٿي چڪو آهي، پر پي ٽي وي جي ڪوريڊور کان اسٽوڊيو بي تائين پهچڻ ۾ چند گهڙين ۾ شايد هن روشن تارا وارو پنهنجو دور پويان پيرين وڃي ٻيهر ڏسي ورتو هيو، اهي ئي راهداريون، اهي ئي دروازا، اهي ئي ديوارون، اهو ئي اسٽوڊيو بي، پر وقت الائي جي ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو هيو.

مهتاب راشديءَ جي ذهن ۾ ان وقت اهو خيال بنهه ڪونه هوندو ته اهو نينگر زرار پيرزادو، جنهن کان هن سوال ٿي پڇيا، انهن جي درست جوابن تي انعام ٿي ڏنو، هوهڪ ڏينهن هڪ ذهين قلم ڌڻي ٿيندو ۽ هڪ وڏي سنڌي اخبار عوامي آواز جو ايڊيٽر ٿيندو ۽ ان جي ايڊيٽوريل صفحي تي سندس ڪالم شايع ڪندو. زرار پيرزادو هاڻي ٻار ته ناهي رهيو، پر اسٽوڊيو بي جو ڏاڪو ٽپي اندر ايندي سندس عمر جي وڏائپ نه، پر ننڍپڻ جي حيرت سندس اکين ۾ لهي آئي هئي. پاڻ اسٽوڊيو جي ديوارن کي ايئن ڏسي رهيو هئي، ڄڻ گذريل سالن جا نقش ڳوليندو هجي، سندس نظر ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ تي ٿي پئي ته ڪڏهن وري هو پراڻن آوازن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو هن کي اوچتو ڳائڻي جينا شاهه جو آواز ڪنن ۾ پيو ته هيءَ منهنجي  پرس ته  جهل ۽ آخر ۾ کلي چيائين ته هيءَ منهنجي پرس آهي ڍولڪي ناهي جو ان کي وڄائين ٿو. ۽ شايد سندس يادن ۾ اهو مائيڪ به ڪٿي موجود هيو، جنهن کي هٿ ۾ جهلي هو ڪڏهن روشن تارا جي ننڍڙي آسمان تي پنهنجي معصوم آواز جو هڪ تارو روشن ڪيو هوندو، هو ڏاڍو جذباتي ٿي ويو، روشن تارا جو نالو ايندي ئي سندس لهجي ۾ ورهيه پراڻي خوشي واپس موٽي آئي هئي. مهتاب اڪبر راشديءَ جو ذڪر ٿيندي ئي ڄڻ يادن جا بند دروازا پاڻ هُرتو کلي پيا. مان کيس تڪيندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته ٽيليويزن جا پروگرام ختم ٿي ويندا آهن، اسٽوڊيو خالي رهجي ويندا آهن، مائيڪروفون خاموش ٿي ويندا آهن، پر ڪي آواز وقت گذرڻ جي باوجود به دلين ۾ ۽ ذهن ۾ تازا رهندا آهن. پڪ سان روشن تارا به هڪ اهڙو ئي  پروگرام هيو، جيڪو ڪڏهن ته ٽي ويءَ جي پردي تي ايندو هيو، پر اهو انيڪ نسلن  جي دلين ۾ پيهي  ويو هيو ۽ مهتاب اڪبر راشدي؟  اها ان روشن تارا جي هڪ ميزبان طور اهڙو چنڊ هئي، جيڪي اڄ به چوڏهين ماه وانگر اڀريو بيٺو آهي.

وڏو وقت گذري ويو آهي، نسل بدلي ويا آهن، شهر ۽ ڳوٺ الائي ڇا مان ڇا ٿي ويا آهن، گهرن جي ڇتين تي لڳل اينٽينائون لهي چڪيون آهن. ٽي وي جي بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين رنگين ٿي وئي آهي، موبائلن هٿن ۾ اچي ويون آهن، جن تي اسان لکين پروگرام ڏسي سگهون ٿا، پر ڪجهه يادون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ٽيڪنالوجي جي بدلجڻ سان به ڪونه بدلجي سگهبيون آهن، اهڙي ئي هڪ  ياد ”روشن تارا“ به آهي. اهو رڳو هڪ ٻارن جو پروگرام ڪونه هيو، اهو انهن معصوم اکين جي چمڪ هيو، جيڪي هر هفتي شام جو هڪ خاص وقت ۾ روشن ٿي وينديون هيون.

هي پروگرام انهن گهرن جي خوشي هيو، جتي ٻارڙا پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ٽي وي جي سامهون اچي ويهي رهندا هئا، هي پروگرام انهن مائرن جي مسڪراهٽ هيو، جيڪي پنهنجي ٻارن کي ٽي ويءَ آڏو خوشي سان ويٺل ڏسنديون هيون. هي پروگرام پيئرن لاءِ به هڪ اطمينان هيو ته سندن ٻار جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهن، تنهن ۾ ڪا اجائي يا بي مقصد تفريح ڪونهي، پر مسڪراهٽ سان گڏ تربيت، راند روند سان گڏ ذهني سکيا ۽ وندر ورونهن سان گڏ تهذيب به شامل آهي.

اڄ جڏهن اسان پوئتي مڙي ڏسون ٿا ته لڳي ٿو ته روشن تارا اصل ۾ هڪ پروگرام کان وڌيڪ هڪ دور جي نمائندگي ڪندو هيو، يعني اهو دور جڏهن ٽي وي هر گهر جو هڪ ڀاتي هوندي هئي، جڏهن پي ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ايندڙ هر پروگرام ذميداريءَ جي هڪ گهري احساس سان تيار ڪري ٺاهيو ويندو هيو، جڏهن پروگرام ٺاهيندڙ اهو سمجهندا هئا ته اهي چند منٽن جو وقت ئي ڪونه پيا ڀرين، پر سماج جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀاڱو ڳنڍائي رهيا آهن.۽ جڏهن ٻارن لاءِ پروگرام ٺاهڻ رڳو ٻارن کي کلائڻ، وندرائڻ يا مصروف رکڻ جو نالو ڪونه هوندو هيو، پر ان جي پويان هڪ چٽو تصور يا مقصد هوندو هيو ته ٻارن جي ذهن، سندن ٻوليءَ، سندن ذوق ۽ سندن خوابن جي به تربيت ضروري آهي، ان احساس جي هڪ خوبصورت شڪل روشن تارا هيو.

روشن تارا رڳو هڪ پروگرام ڪونه هيو، اهو ٽي وي ڏسندڙ ٻارن جي تخيل، تفريح، مسڪراهٽ، سوالن جوابن ۽ خوابن جي هڪ ننڍڙي ڪائنات هوندو هيو،  ۽ ان ڪائنات جي مرڪز ۾ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ هڪ نوجوان ڇوڪري مهتاب اڪبر راشدي موجود هوندي هئي ۽  پنهنجي سگهاري  موهيندڙ ميزبانيءَ وسيلي ٻارن ۾ اعتماد، خوشي ۽ زندگي جي اميد پيدا ڪندي هئي. سندس ميزبانيءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي جو هوءَ ٻارن سان مخاطب ٿيندي وقت پاڻ به ٻارن جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندي هئي. سندس انداز اهڙو هوندو هيو، ڄڻ هوءَ ٻارن جي وچ ۾ ويٺل هڪ ٻاجهاري، سمجھدار ۽ محبت ڪندڙ ساٿي هجي. اها ئي اُها خوبي آهي، جيڪا ٻارن جي ڪنهن پروگرام کي رڳو هڪ معلوماتي پروگرام کان مٿي يادن جو حصو بنائي ڇڏيندي آهي.

ٻارن جي پروگرام لاءِ ميزباني ڪندڙ هر شخص لاءِ سڀ کان پهريون ۽ بنيادي شرط اهو هوندو آهي ته اهو ٻارن جي مزاج کي سمجهي. ٻار ڪڏهن به چپ ڪري ڪونه ويھندا آهن، هڪٻئي پويان سوال ڪندا رهندا آهن،ڳالهين جو پاسو بدلائي ڇڏيندا آهن، ڪنهن معمولي ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ته وري اوچتو ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويندا آهن، جنهن جي جواب لاءِ وڏن کي به سوچڻو پوندو آهي. هڪ ڪامياب ٻارن جي ميزبان طور مهتاب اڪبر راشدي اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکندي هئي، هوءَ ٻارن کي رڳو پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙ جي طور تي ڪونه ڏسندي هئي، پر پنهنجي ڳالهھ ٻولهه جو حقيقي مرڪز بنائيندي هئي. سندس انداز ۾ ٻارن لاءِ احترام به هوندو هيو ته گڏوگڏ پنهنجائپ به، هوءَ ٻارن کي اهو احساس ڏياريندي هئي ته سندن ڳالهه اهم آهي، سندسن سوال اهم آهي ۽ سندن خيال پڻ اهم آهي، ظاهري طور ته اها ڳالهه معمولي ٿي لڳي، پر اصل ۾ ٻارن جي تربيت ۾ ان جي تمام گھڻي اهميت آهي. جڏهن هڪ ٻار اهو محسوس ڪندو آهي ته ڪو وڏو شخص سندس ڳالهه وڏي ڌيان سان ٻڌي رهيو آهي ته پوءِ منجهس اظهار جو حوصلو پيدا ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهو سوال ڪرڻ سکندو آهي. گفتگو ڪرڻ سکندو آهي ۽ اهڙي طرح هوريان هوريان منجهس اعتماد پيدا ٿيڻ لڳندو آهي. مهتاب اڪبر راشديءَ جي ميزبانيءَ  ۾ به اهڙو اعتماد ڏسڻ ۾ ايندو هيو، سندس آڏو موجود ٻار رڳو سوالن جا جواب ڏيندڙ ٻار ڪونه هوندا هئا، پر اهي سوچيندڙ، ڳالهائيندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ سوال ڪندڙ ننڍڙا انسان هوندا هئا.

ٻارن جي پروگرام جي ميزبان لاءِ ٻي وڏي خوبي خوش مزاجي ۽ مسڪراهٽ آهي. مسڪراهٽ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ اها جيڪا ڪئمرا جي آڏو چَهري تي سجائي ويندي آهي ۽ ٻي اها جيڪا دل مان نڪري چَهري تي اچي ويندي آهي. ٻار انهن ٻنهي مسڪراهٽن ۾ فرق محسوس ڪري وٺندا آهن. مهتاب اڪبر راشديءَ جي مسڪراهٽ دل مان ڦٽي نڪرندي هئي، تنهنڪري ان ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. پاڻ ٻارن سان ڳالهائيندي اهڙي انداز ۾ مسڪرائيندي هئي، جيئن سندس ۽ شريڪ ٻارن جي وچ ۾ ڪو رسمي فاصلو هوندو ئي ڪونه هيو. اها ئي بي تڪلفي يا پنهنجائپ روشن تارا جي ماحول کي خوشگوار بنائي ڇڏيندي هئي. سندس چَهري تي موجود خوش مزاجي پروگرام جي مزاج سان بلڪل سلهاڙيل هوندي هئي. ٻارن جي دنيا ۾ ڏک، ڊپ ۽ غير ضروري سنجيدگي جي بدران اميد، اعتماد، راند روند، وندر ورونهن ۽ خوش مزاجي جي ضرورت هوندي آهي. مهتاب اڪبر راشدي ان ضرورت کي سمجهندي هئي. سندس مسڪراهٽ رڳو چَهري جي ڪيفيت ڪونه هوندي هئي، اها ٻارن لاءِ هڪ پيغام هوندي هئي ته هتي اچڻ تي کين دڙڪا داٻ ڪونه ڏنا ويندا، کانئن پڇيل ڪنهن سوال جي غلط جواب ڏيڻ تي کين شرمندو نه ڪيو ويندو ۽ ڪنهن معصوم ڳالهه تي مٿن ٺٺول نه ڪئي ويندي. هتي کين ڀليون گالهيون ٻڌايون وينديون، کين سمجهايو ويندو ۽ گڏوگڏ کين محبت ۽ شفقت ڏني ويندي. اهو ئي سبب آهي جو ”روشن تارا“ ڏسندڙ ٻار مهتاب اڪبر راشديءَ جي چَهري کي رڳو ٽيليويزن جي اسڪرين تي نظر ايندڙ چِهرو ڪونه سمجهندا هئا، اهي ان کي پنهنجي گهريلو ۽ ڏٺل وائٺل ماحول جو حصو محسوس ڪندا هئا.

مهتاب اڪبر راشديءَ جي ميزبانيءَ جي ٻي غيرمعمولي خوبي  اها ھئي جو هوءِ ٻارن جي ٻولي ۾ ڳالھائڻ جي صلاحيت رکندي ھئي. ٻارن جي پروگرام ۾ ڏکيا لفظ، ڳرا جُملا ۽ گفتگو  جو منجھيل انداز ڪو نه ملي سگھندو آھي. تنھنڪري مهتاب اڪبر راشدي اهڙي ته سولي ٻولي ڳالھائيندي ھئي، جيڪا ٻارن جي ڪچڙن ذھنن تائين سولائيءَ سان پھچي ويندي ھئي. تنھنڪري سندس آڏو ويٺل ٻار پاڻ کي ڪنھن ڪلاس روم ۾ موجود محسوس ڪونه ڪندا ھئا، پر کين لڳندو ھيو ته ڪا ٻاجهاري ۽ پيار ڪندڙ وڏي ڀيڻ ساڻن مخاطب آھي. اھا خوبي ”روشن تارا“ لاءِ بيحد اھم ھوندي ھئي، ڇو ته ان پروگرام جو مقصد رڳو ٻارن کي ونڊرائڻ ڪو نه ھوندو ھيو، پر سندن ذھنن کي مُتحرڪ ڪرڻ به ھوندو ھيو. سوالن جوابن، آکاڻين، نظمن، راندين، ڳالهه ٻولهه ۽ ٻين مختلف موضوعن وسيلي ٻارن کي سوچڻ سمجھڻ  ڏانهن لاڙڻ ئي هن پروگرام جو روح هيو. تنھنڪري مهتاب اڪبر راشديءَ جي ٻوليءَ ۾ سادگي ھوندي ھئي، پر ان سادگي جي پُٺيان ھڪ فڪري شعور به ھوندو ھيو. اھا ئي ڳالهه سندس روشن تارا جي ميزباني کي اثرائتو ۽ موھيندڙ بنائيندي ھئي.

ٻارن جي پروگرام ۾ سڀ کان ڏکي شيءِ شايد صبر آھي. ٻار سوال پُچندا آھن، سوال دُھرائيندا آھن، ڳالهه ڪاٽيندا آھن، جواب وساري ويندا آھن، اوچتو ڪنھن ٻي ڳالهه ڏانهن ھليا ويندا آھن، ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪندا آھن، شرارتون ڪندا آھن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته  صفا ماٺ ٿي ويندا آھن. تنھنڪري ھڪ ميزبان اھڙي ماحول کي صبر ۽ سهپ وسيلي سنڀالي وٺندي آهي. مهتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت ۾ بيحد صبر ھوندو ھيو.هوءَ ٻارن جي ڳالهه ٻڌندي ھئي، کين موقعو ڏيندي ھئي ۽ سندن ڳالھائڻ شروع دوران بنھه  مداخلت ڪونه ڪندي ھئي. سندس لاءِ ٻارڙا رڳو روشن تارا  جو وقت پورو ڪرڻ جو ذريعو ڪونه ھندا ھئا، پر هوءَ ساڻن ٿيندڙ گفتگوءَ کي ھڪ انساني رشتي طور سمجھندي ھئي، اھا ئي خوبي ٻارن ۾ اعتماد پيدا ڪندي آھي. جڏھن ھڪ ٻار کي اھا پُڪ ھوندي هوندي آهي ته اڳلو سندس ڳالهه پوري ٿيڻ تائين انتظار ڪندو ته پوءِ هو بھتر انداز ۾ اظھار ڪري  سگھندو آھي. اڄ جي زماني ۾، جڏهن هر شئي تيز رفتاريءَ سان گذري رهي آھي ته مهتاب اڪبر راشديءَ جي اھا خوبي خاص طور تي ياد اچي رهي آھي. ٻارن سان گڏ وقت گذارڻ لاءِ وقت گھرجي، کين سمجھڻ لاءِ صبر گھرجي ۽ سندن معصوم دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي اندر جي ٻار کي ٻاهر ڪڍڻ گھرجي، مهتاب اڪبر راشديءَ ائين ئي ڪيو.

مهتاب اڪبر راشديءَ ۾ ٻارن جي مختلف مزاجن کي سمجھڻ جي وڏي صلاحيت ھوندي ھئي. ھوءَ ھر ٻار سان ھڪ ئي انداز ۾ ڳالھائڻ بدران سندس ذھني ڪيفيت پٽاندڙ ماحول پيدا ڪندي ھئي. اھا خوبي ھڪ بھترين ميزبان سان گڏ ھڪ بھترين تربيت ڪار جي علامت ھوندي ھئي.

ڪڏھن ڪڏھن تاريخ جا وڏا نالا ڪتابن ۾ نه پر ماڻهن جي يادن ۾ محفوظ رھندا آھن. مهتاب اڪبر راشدي به اھڙي ئي ھڪ شخصيت آھي. ٿي سگھي ٿو ته اڄ جي نئين نسل جا ڪيترائي ٻار روشن تارا جي نالي کان به سونهان ڪونه ھجن. ممڪن آھي ته ان دور جي پي ٽي ويءَ جون ڪيتريون ئي تصويرون محفوظ نه ھجن، اھو به ممڪن آھي ته روشن تارا جي پراڻن پروگرامن جا ڪيترا ئي ريڪارڊ يا اسڪرپٽ وقت جي دز ۾ ڪٿي لٽجي  ويا هجن، پر انھن پروگرامن جا اثر ماڻهن جي دلين ۾ ضرور موجود آھن. جن روشن تارا جي انهن پروگرامن کي پنهنجي ننڍپڻ جي اکين سان ڏٺو ھوندو. وقت گذرڻ سان گڏ اھي ٻار وڏا ٿي ويا. سندس ھٿن ۾ ڪتابن بدران فائل اچي ويا، راند جي ميدان بدران آفيسون اچي ويون، اسڪولي بيگن بدران عملي زندگيءَ جي اڻ ڳڻين ذميدارين جا ٿيلها  ڀرجي آيا، وارن ۾ اڇاڻ اچي وئي، پر ننڍپڻ جا ڪجهه آواز انسان جي اندر ۾ ڪٿي محفوظ رهجي ويندا آهن. روشن تارا به هڪ اهڙوئي آواز هيو ۽ ان آواز سان مهتاب اڪبر راشديءَ جو آواز به ڳنڍيل آهي، اهو آواز جيڪو ٻارن کي سڏيندو هو، اهو آواز جيڪو سوال پڇندو هو، اهو آواز جيڪو جواب ٻڌڻ لاءِ بيهجي ويندو هيو، اهو آواز، جيڪو ڪنهن ٻار جي غلطيءَ تي کيس شرمندو ڪرڻ بدران ٻيهر ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ڏيندو هو. اهو آواز جيڪو ٻارن جي ٽهڪن ۾ شامل ٿي ويندو هيو، اهو آواز جيڪو ٻارن کي اهو احساس ڏياريندو هيو ته، سندن دنيا ڏاڍي سهڻي ۽ خاص آهي.

روشن تارا پنهنجي نالي وانگر هڪ روشن اهڃاڻ هيو، ان ۾ ٻارن لاءِ اميد هئي، علم هيو، تفريح هئي، سوال هئا، جواب هئا، خواب هئا، مستقبل ڏانهن ڏسڻ جي هڪ دعوت هئي. پر ڪنهن به پروگرام جو نالو پاڻ ان کي جيئرو ناهي رکندو، ان کي جيئري رکڻ لاءِ اهڙا ماڻهو گهربل هوندا آهن، جيڪي پروگرام جي روح کي پنهنجي شخصيت ۾ سمائي ڇڏين. مهتاب اڪبر راشديءَ به ايئن ئي ڪيو. کيس ”روشن تارا“ جي ميزبان چوڻ سندس شخصيت کي مڪمل طور تي بيان نه ٿو ڪري، درست ڳالهه اها آهي ته هوءَ روشن تارا جو روح هوندي هئي.

You might also like