ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر نگهت شاهه رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ 3 سالن لاءِ پروفيسر مقرر ٿيڻ کان پوءِ تنقيد تي جواب ڏيندي چيو آهي ته منهنجي قابليت ۽ محنت جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ڊاڪٽر نگهت شاهه خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته مان ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي او جي رائل ڪاليج جي پروفيسر آهيان، جناح اسپتال ۾ هن وقت ٻيو ڪو به ايف آر سي او جي موجود ناهي، مان ميڊيڪل ايجوڪيشنسٽ آهيان، ماسٽرز ڪري چڪي آهيان ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالر پڻ آهيان، اسان ڪينيڊا سان گڏجي ٻه عالمي تحقيقي منصوبا شروع ڪيا آهن، جن جي ماليت 20 هزار ڊالر آهي انهن منصوبن تحت ويم دوران عورتن جي فوتگين ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا مائرن بابت تحقيق ڪئي پئي وڃي، مون ڊاڪٽر جمال رضا جي مدد سان هتي نيونِيٽل انٽينسيو ڪيئر يونٽ شروع ڪرايو، جنهن کانپوءِ 6 کان 8 مهينن اندر ٻارن جي فوتگين جي شرح لڳ ڀڳ ختم ٿي وئي، سياسي وابستگي ۽ تنقيد بابت سوال تي ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو ته مون تي الزام لڳايو پيو وڃي ته مون ڪنهن جو حق کسيو آهي، جڏهن ته مان جتي به پريڪٽس ڪريان ٿي، جهڙوڪ آغا خان وغيره، اتي ڪنهن کي خبر ناهي ته منهنجو والد ڪير آهي، منهنجي والد اسان کي حلال جي ڪمائي ۽ عزت سان جيئڻ سيکاريو آهي ۽ خدمت جو اهو جذبو اسان کي به انهن کان مليو آهي، مان پنهنجي جونيئر ڊاڪٽرن کي سيکاريندي آهيان ته مريض جي عزت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، حقيقت اها آهي ته سياسي پس منظر سبب مون کي اڳتي وڌڻ بدران اڪثر پوئتي ڇڪيو ويندو آهي، جناح اسپتال ۾ هن وقت پروفيسرن جي کوٽ آهي، مان ڪنهن ٻئي جي سيٽ تي ويهڻ نٿي چاهيان، بلڪه منهنجي خواهش آهي ته وڌيڪ ماڻهو پروفيسر بڻجن ۽ نوان يونٽ قائم ٿين.