پيٽروليم ليوي جي وصولي مالي سال 2025-26ع ۾ رڪارڊ 1,567 ارب 45 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي.
ذريعن موجب پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومت جي مقرر ڪيل هدف ۽ آءِ ايم ايف جي اندازي کان به وڌيڪ رهي، جڏهن ته ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ الڳ 50 ارب 16 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 2025-26ع دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ 347 ارب 24 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته وصولي حڪومت جي مقرر ڪيل هدف کان لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا وڌيڪ رهي.
ذريعن موجب گذريل مالي سال دوران ليوي جي وصولي آءِ ايم ايف جي اندازي کان 21 ارب رپيا وڌيڪ رهي. مالي سال 2025-26ع لاءِ آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي وصولي جو اندازو 1,546 ارب رپيا لڳايو هو، جڏهن ته حڪومت 1,468 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو هو.
مالي سال 2024-25ع ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1,220 ارب 21 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا هئا، جڏهن ته مالي سال 2023-24ع ۾ اها وصولي 1,019 ارب رپيا رهي. مالي سال 2022-23ع ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 580 ارب رپيا وصول ڪيا ويا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پيٽرول تي 80 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 28 پيسا في ليٽر جي حساب سان ليوي لاڳو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5،5 رپيا في ليٽر جي حساب سان ڪلائميٽ سپورٽ ليوي پڻ الڳ لاڳو ڪئي وئي آهي.