مستونگ: صوبائي گهرو وزير جي سيڪيورٽي اسڪواڊ تي حملو، فائرنگ ۾ 6 اهلڪار زخمي

مستونگ(ويب ڊيسڪ)صوبائي گهرو وزير ضياءَ لانگو جي سيڪيورٽي اسڪواڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ، 6 اهلڪار زخمي ٿيا.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مستونگ پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته قلات کان ڪوئيٽا ويندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لانگو جي اسڪواڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سيڪيورٽي اسڪواڊ جا 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملي ۾ ضياءَ لانگو محفوظ رهيا.

بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ الله لانگو پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي حملي سان اسان جا حوصلا پست نه ٿيندا. مون کي اهڙن پٽاخن سان ڊيڄاري نٿو سگهجي. پاڪستان زنده باد هو، زنده باد آهي ۽ زنده باد رهندو.

You might also like