اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حڪومت اڍائي سالن دوران انتهائي ڏکين مرحلن مان گذري مستحڪم معيشت جو هدف حاصل ڪيو آهي، اڄ پاڪستان دنيا ۾ هڪ مضبوط، پرعزم، باوقار ۽ امن جي سگهاري آواز طور سڃاتو وڃي ٿو.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پاڪستان جي آزاديءَ جا 79 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سموري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اڄ اسان قوم جي حيثيت سان تحريڪِ آزادي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريون ٿا. قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي قيادت ۽ اسان جي وڏڙن جي قربانين جي نتيجي ۾ آزاد ملڪ جو خواب پورو ٿيو. تحريڪِ آزادي جي سمورن اڳواڻن جي جوش ڀري سياسي جدوجهد مسلمانن کي آزاد وطن جي مقصد تي متحد ڪيو.
وزيراعظم چيو ته اسان جي وڏڙن قربانين، سختين ۽ تڪليفن جي هڪ ڊگهي داستان جوڙي ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڪاميابي ماڻي. اسان کي اهڙي سرزمين نصيب ٿي، جتي آزاد قوم جي حيثيت سان عزت، وقار، دين ۽ ثقافتي قدرن موجب زندگي گذاري سگهون ٿا. پاڪستان اسلامي تعليم ۽ باباءِ قوم جي نظرين مطابق سمورن شهرين کي رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ مڪمل آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو.
هن پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سمورن شهرين جي حقن جا ضامن آهن. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سفر روشن مستقبل ڏانهن وڌي رهيو آهي. حڪومت اڍائي سالن دوران انتهائي ڏکين مرحلن مان گذري مستحڪم معيشت جو هدف حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي ترقي يافته معيشت جي منزل ڏانهن ڪاميابيءَ سان وڌي رهي آهي. ٻن سالن دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي موڪليل ناڻي ۾ 11.3 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج دشمن جي هر حملي جو جواب ڏيندي مادرِ وطن جي دفاع کي ناقابلِ شڪست ثابت ڪيو آهي. پاڪستان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي. معرڪه حق ۾ هٿياربند فوجن فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ اتحاد، عزم ۽ بي مثال بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. پاڪستان پنهنجي دفاع، آبي وسيلن سميت قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان پاسو نه ڪندو.
شهباز شريف چيو ته اڄ پاڪستان دنيا جي قومن ۾ هڪ مضبوط، پرعزم، باوقار ۽ امن جي سگهاري آواز طور سڃاتو وڃي ٿو. خطي جي ڏکي ۽ چئلينجن سان ڀرپور صورتحال ۾ پاڪستان هڪ ذميوار ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن ملڪ طور اڀري آيو آهي. پاڪستان امن، استحڪام ۽ علائقائي سهڪار جي فروغ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.