اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو مالي خسارو 22 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو پرائمري سرپلس 26 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. مالي سال 2025-26ع دوران مالي خسارو گڏيل ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جو 2.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2.9 سيڪڙو رهيو. لڳاتار ٽن سالن کان پرائمري سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب مالي سال 2025-26ع دوران گڏيل آمدني 19 هزار 800 ارب رپيا رهي، جنهن ۾ 14 هزار 800 ارب رپيا ٽيڪس آمدني شامل آهي. قرضن تي وياج جي ادائيگين جو حجم گهٽجي 6 هزار 950 ارب رپين تائين اچي ويو، جڏهن ته ان کان اڳ واري سال وياج جي مد ۾ 8 هزار 900 ارب رپيا ادا ڪيا ويا هئا.
ناڻي واري وزارت موجب گذريل مالي سال دفاعي خرچن ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اهي 2 هزار 588 ارب رپيا رهيا. سبسڊيز ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ اهي 1,300 ارب رپين جي مقابلي ۾ گهٽجي 1,001 ارب رپيا رهيون، جڏهن ته ترقياتي خرچ 786 ارب رپين مان گهٽجي 727 ارب رپيا رڪارڊ ڪيا ويا.