اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي روح ۽ متن مطابق عمل ٿيڻ گهرجي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ان جي روح ۽ متن موجب عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ان جي روح ۽ متن موجب عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. التوا هيٺ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هميشه قومن وچ ۾ امن، ڳالهين، سهڪار ۽ هڪ ٻئي جي احترام جو علمبردار رهيو آهي. گذريل سال جي واقعن هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي.

هن چيو ته خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار، جيڪو اسان جي خطي ۾ بدامني جو هڪ اهم سبب آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد لاءِ اصولي، اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

اسحاق ڊار چيو ته اسان انهن سمورن ماڻهن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪي پاڪستان جي دشمنن طرفان ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر درپيش خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. قوم انهن سان گڏ متحد آهي ۽ سندن خدمتن ۽ قربانين تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته اچو ته پنهنجي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، قومي اتحاد برقرار رکڻ، پنهنجي عوام جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن پاڪستان تعمير ڪرڻ واري پنهنجي گڏيل عزم جي تجديد ڪريون.

You might also like