اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته افغانستان جي سرزمين مسلسل پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ائيڊي ملاقات ڪئي، جنهن دوران دهشتگردي جي روڪٿام، غيرقانوني لڏپلاڻ کي روڪڻ، پوليس جي تربيت ۽ گڏيل قانوني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ اتي موجود پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرگرمين تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغانستان جي سرزمين مسلسل پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان دنيا ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڀت بڻجي بيٺو آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.