واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايران کي معاشي نقصان پهچائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا ۽ ايران کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا ويندا، جيڪي اڳ ڪڏهن نه کنيا ويا آهن.
اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته ايران خلاف نون قدمن جا اعلان ايندڙ هفتي ڪيا ويندا.
هن چيو ته آبناءِ هرمز ۾ جاري ناڪابندي برقرار رهندي ۽ ايران جي بندرگاهن ڏانهن ڪنهن به شيءِ جي اچ وڃ ممڪن نه رهندي.