ايران آبناءِ هرمز لاءِ اسٽريٽجڪ ايڪشن پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارلياماني ڪميٽي جي ترجمان ولي الله بيّاتي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس دوران آبناءِ هرمز ۽ خليج فارس جي سلامتي ۽ ترقي بابت اسٽريٽجڪ ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو.

هن چيو ته ميمبرن جي راءِ سان آبناءِ هرمز جي انتظام بابت اسٽريٽجڪ ايڪشن پلان جي بنيادي اصولن تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين دشمن ملڪن جي بحري جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏيڻ بابت قرارداد پڻ منظور ڪئي وئي.

You might also like