تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جعلي خبرن کان به وڌيڪ خراب شيءِ جعلي انٽيليجنس ڄاڻ آهي، تنهن ڪري آمريڪا کي محتاط رهڻ گهرجي.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو هو ته” ايران وٽ پئسا ناهن، انهن وٽ رڳو جعلي خبرون ۽ 300 سيڪڙو مهانگائي آهي.“
ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ”آمريڪا کي آبناءِ هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي. منهنجي خيال ۾ اسان ان کي برقرار رکنداسين!“
آمريڪي صدر جي جواب ۾ عباس عراقچي ايڪس تي لکيو ته آمريڪا ڊگهي عرصي کان انٽيليجنس جي ناڪامين سبب غلط اندازا لڳائيندو رهيو آهي، جنهن جو هڪ واضح مثال ايران خلاف جنگ آهي.
هن چيو ته هاڻي آبناءِ هرمز بابت ان کان به وڏي غلطيءَ سان اندازا لڳايا پيا وڃن.
عباس عراقچي برطانيا، فرانس ۽ ڪئناڊا سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن طرفان ايران ۾ ڦاهين خلاف مذمت تي به ردعمل ڏنو.
هن چيو ته فرانس جهڙن ملڪن کي ”انساني حقن ۽ عالمي قانونن بابت دنيا کي وعظ ڏيڻ“ بند ڪرڻ گهرجي.
ايراني پرڏيهي وزير فرانس تي منافق جو الزام هڻندي چيو ته غزا جنگ ۾ اسرائيل جي حمايت ۽ ايران تي حملن جي حمايت فرانس جي ان سموري اخلاقي سرسي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هو پاڻ وٽ هئڻ جو تصور ڪري ٿو.
واضح رهي ته فرانس، برطانيا ۽ ڪئناڊا سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن ايران ۾ ڦاهين خلاف جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو هو ته مخالفن کي خاموش ڪرائڻ ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ موت جي سزا جو استعمال جائز ناهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ايراني عوام کي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۽ پرامن ميڙاڪن جو حق حاصل هجڻ گهرجي.
جعلي خبرن کان به وڌيڪ خطرناڪ جعلي انٽيليجنس آهي، آمريڪا غلطي نه ڪري: عباس عراقچي
You might also like