سرڪاري نوڪرين ۾ مبينا سياسي مداخلت سفارش ۽ وڪرو خلاف عوامي آواز بلند ٿيڻ گهرجي سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر ٽنڊوالهيار ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ۽ سرڪاري نوڪرين جي ڀرتين ۾ مبينا سياسي مداخلت خلاف سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي ٽنڊوالهيار سنڌ جو اهو ضلعو آهي، جنهن جي عوام آمريت ۽ مارشل لا خلاف جدوجهدن ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ هر دور ۾ ظلم ۽ ناانصافي خلاف مزاحمت ڪئي پر اڄ ساڳئي ضلعي ۾ غريب، پورهيت ۽ هاري خاندانن جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي اهو نه رڳو افسوسناڪ پر انتهائي شرمناڪ به آهي
يونيورسٽين مان اعليٰ نمبرن سان پاس ٿيندڙ پورهيتن ۽ هارين جا ٻار سالن جي محنت، قربانين ۽ اميدن سان ڊگريون حاصل ڪن ٿا انهن جو خواب هوندو آهي ته قابليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي کين روزگار ملندو هو پنهنجي والدين جو سهارو بڻبا پنهنجي خاندان جون حالتون بهتر ڪندا ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ڪندا پر جڏهن روزگار جا دروازا ميرٽ بدران پئسي، سفارش ۽ سياسي وفاداري سان کوليا وڃن ته پوءِ نوجوانن جي تعليم، محنت ۽ خوابن سان ان کان وڏي ويساهه گهاتي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي
وڏيرن جي بنگلن مان نوڪريون ورهائڻ بند ڪيو وڃي
ضلعي ۾ سرڪاري نوڪرين بابت سنگين شڪايتون سامهون آيون آهن ته مبينا طور لکين رپين جي عيوض نوڪريون وڪرو ڪيون ويون آهن جڏهن ته باقي رهيل سيٽون به سياسي واٺن، سفارشي ماڻهن ۽ خوشامد ڪندڙن حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جيڪڏهن اهي الزام جاچ ۾ درست ثابت ٿين ٿا ته اها رڳو ميرٽ جي لتاڙ نه هوندي پر غريب عوام جي حقن تي منظم ڌاڙو تصور ٿيندو. وڌيڪ افسوسناڪ شڪايت اها آهي ته نوڪرين جا آرڊر شفاف سرڪاري ڀرتي واري نظام بدران چونڊيل نمائندن جي هائوسن ۽ وڏيرن جي بنگلن مان ورهائڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي جيڪڏهن سرڪاري نوڪرين جا آرڊر به وڏيرن جي بنگلن مان ورهائجڻ لڳن ته پوء سوال پيدا ٿئي ٿو ته ادارا ڪٿي آهن قانون ڪٿي آهي ميرٽ ڪٿي آهي ۽ عوام جي ووٽ سان چونڊيل نمائندا عوام کي جوابده ڪڏهن ٿيندا
جيڪڏهن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ قابليت تعليم ۽ ميرٽ بدران وڏيري جي اوطاق سياسي سفارش ۽ پئسي جي ضرورت هجي ته پوءِ اهو نظام عوام جي خدمت جو نظام نه پر وڏيراشاهي ۽ جاگيرداراڻي مفادن جو محافظ نظام بڻجي وڃي ٿو.سو نوجوانن جي خوابن سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي جڏهن هڪ غريب ماءُ پنهنجي ٻار کي پڙهائڻ لاءِ زيور وڪڻي ٿي پورهيت پي مزدوري ڪري فيسون ڀري ٿو نوجوان ڏينهن رات محنت ڪري يونيورسٽي مان اعليٰ نمبر حاصل ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندس هٿن ۾ ڊگري ته اچي ٿي پر روزگار جو حق ڪنهن سفارشي ماڻهو کي ملي وڃي ٿو تڏهن ان نوجوان جي اک مان وهندڙ هر ڳوڙهو هن نظام خلاف هڪ سوال هڪ احتجاج ۽ هڪ مزاحمت بڻجي وڃي ٿو اڄ وڏيرن جي بنگلن مان مٺائي جون ٿيلهيون کڻي نڪرندڙ سفارشي ماڻهن جا ٽهڪ شايد پري تائين ٻڌڻ ۾ اچن پر انهن ٽهڪن جي پويان هزارين بيروزگار نوجوانن جي خاموش دانهن به موجود آهي
هيءَ خاموشي هميشه خاموش نه رهندي، سرڪاري نوڪري ڪنهن وڏيري جي جاگير ناهي، ميرٽ ڪنهن سياسي پارٽي جي ملڪيت ناهي، روزگار ڪنهن واٺ چمچي يا سفارشي جو انعام ناهي، روزگار ان نوجوان جو حق آهي جيڪو قابليت رکي ٿو، محنت ڪري ٿو ۽ ميرٽ تي پورو لهي ٿو
اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ٽنڊوالهيار سميت سڄي سنڌ ۾ تازين سرڪاري ڀرتين جي فوري شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي سمورو ڀرتي رڪارڊ عوام آڏو آندو وڃي ميرٽ جي ڀڃڪڙي سان جاري ڪيل سمورا تڪراري آرڊر منسوخ ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪنهن سياسي شخص آفيسر وچولي يا ڪنهن ٻئي فرد خلاف نوڪريون وڪڻڻ يا غيرقانوني سفارش جا ثبوت سامهون اچن ته انهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊيلي ويجز تي سالن کان ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت سمورن حقدار ملازمن کي سندن حق ڏنو وڃي ۽ ڀرتين ۾ انهن جي تجربي قابليت ۽ قانوني حقن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. غريب نوجوانن جي مستقبل کي وڏيرن جي سياسي دڪان جو سامان بڻائڻ بند ڪيو وڃي سنڌ جي نوجوانن کي خيرات نه پنهنجو حق گهرجي سفارش نه ميرٽ گهرجي وڏيرن جا دروازا نه روزگار جا کليل ۽ شفاف دروازا گهرجن.