سنڌي قوم کي هيسائڻ بدران انصاف ڏنو وڃي

درد هوش محمد ابڙو

مون کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻي آهي سوچي رهيو آهيان ڪٿان شروع ڪريان  سنڌ جي ساراھ ته فطرت سان واڳيل سڀئي ڪندا آهن پر سنڌ ۽ سنڌين جي درد جي ڳالهه آھي دانھن آهي اها دانھن لفظن ۾ بيان ڪرڻ سچ پچ مشڪل آهي.

1947ع کان مسلسل سنڌ جي اکين کي نوان نوان نير ڏنا ويا نوان نوان درد ڏنا ويا نيون نيون مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون آهن. غيرتمند قوم کي بک ۽ اڃ ڏئي هيسايو ويو آهي پر سنڌي قوم” آڻينِ ۽ چاڙهينِ، ڏٿُ ڏيههاڻي سومرا” واري ڪرت تي قائم رهي آهي، روز ڪمائي روز کائي ٿي. سنڌ جي هاريءَ کي خبر ئي ناهي ته جيڪو ڏينھن رات گرمي ۽ سيءَ ۾ لوچي ٿو ان باوجود قرضي ڇو آهي؟

سنڌي قوم سنڌي قوم جي قومي غيرت. درياھَ تي ڌاڙو هجي تڏهن به عام ماڻھو هڪ سنڌ تي. هڪ ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن سنڌ جي ورھاست جي ڳالهه ٿئي ٿي تڏهن به عام ماڻھو جاڳڻ جو احساس عملي طور ڏئي ٿو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ نڌڻڪي ناهي.

1947ع ۾ جڏهن سنڌي هندو هتان هندستان وڃن پيا تڏهن سنڌ جي روح ڳوڙها ڳاڙيا هئا، ڇو جو سنڌ جي ڪرنگهي جي هڏي ٽُٽي پئي هئي، هندستان مان پناهه گير سنڌ طرف موڪليو ويو ڄڻ پاڪستان ۾ نه رڳو سنڌ ۾ پيو اچي. هيءَ سنڌ جيڪڏهن ماڻھوءَ جي جوڙيل هجي هان ته ڪڏهن جو تباھ ٿي چڪي هجي هان پر هن سنڌ کي ﷲ جوڙيو آهي تڏهن ﷲ وارا ۽ انھن جي سنڌ سلامت آهي ۽ سلامت رهندي.

معاشي طور سنڌ کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهم ڪردار پ پ جو رهيو آهي. ڪئنالن وقت وڪيلن جي روپ ۾ سنڌي قوم کي استعمال ڪيو ويو اهو چئي ته ڪو به ڪئنال نه ٿو ٺھي جڏهن ته 6 ئي ڪئنال ٺھي ويا ۽ سنڌو درياھ جو پاڻي زوريءَ پنجاب کڻي رهيو آهي.

هينئر پاڪستان ۾ نون صوبن جي ڳالهه هلي رهي آهي پنجاب کي پرواھ ئي ڪونھي. بلوچستان باغي ٿي پنھنجن حقن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، پٺاڻ به ساڳي ريت وڙهي رهيا آهن، آزاد ڪشمير الڳ ٿيڻ جا جتن ڪري چڪو آهي، باقي بچي سنڌ جنهن ۾ تحريڪ هلي رهي آهي ته ٻيو صوبو هتي نه ٿو ٺھي سگهي.

بيشڪ سنڌ جي معاملي تي سنڌي ننڍو وڏو ٻچو ٻڍو سڀئي جذباتي آھيون هينئر سوشل ميڊيا جو دور هلي رهيو آهي ڪنھن کان ڪجهه به لڪيل ناهي رهيو. جاڳ ڀٽائي گهوٽ جي ڀُلَ هاڻي سنڌ جو شاعر اديب نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته سنڌ جو اديب شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان رابطي ۾ رهي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته ڀٽائي اسان کي جاڳائي رهيو آهي؛ "جاڳو جاڙيجا سما، سک م سمھو” بيشڪ پاڻ جاڳي رهيا آهيون ۽ سنڌ جي بقا لاءِ ايئن وڙهنداسين جيئن وڙهڻ گهرجي. سنڌ اڪيلي آهي هر طرف ويري ئي ويري آهن، هر نظر ميري نظر آهي، ان لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي؛

"بندر جان ڀــئي، ته سکاڻيا م سمھو،

ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجھ مھي،

ايڏو سور سھي، ننڊ نه ڪجي ناکـئا!

ننڊ جي ڪھڙي مجال آهي جو ذهنن ۽ ضميرن جي ويجھو ايندي هينئر ذات نه قوم تي مشڪل جا ڪڪر وسڻ آيا آهن هرڪوئي ڄاڻي ٿو ته سنڌ جي بقا ۾ ئي عالم سڀ آباد ڪرين جو سج سمايل آهي سچ سجايل آهي.

78 سالن واري سياست هاڻي سنڌ کي هرڻي سمجهڻ بند ڪري، سنڌ پنج هزار سال اڳ جي تھذيب يافته ماءُ آهي جنهن عالم کي انوار ڪيو آهي، عارضي ٽڪليفون دائمي وجود کي ميساري نه ٿيون سگهن هيسائي ۽ هارائي نه ٿيون سگهن. سنڌ اها ئي سنڌ آهي جنهن لاءِ شيخ اياز چيو آهي ته:

"وسي سنڌ تنھنجي ڀلارا سدا،

سدا ديس پرديس سارا وسن.

اسان سنڌ وارن ازل کان اياز.

سمائي نه ڪنھن لاءِ مندي ڪا من”.

پرامن سنڌ پرامن قوم ڪنھن جو برو نه ٿي چاهي ڏيهه ۽ پرڏيهه لاءِ دعاڳڻ ڌرتيءَ سان ڪوئي وير وجهندو ته ڇا اهو کٽيو کائيندو؟ سنڌ دشمن کي سمجهڻ گهرجي ته هيءَ قوم مري ويندي مڙندي ڪڏهن به ڪو نه پنھنجن حقن لاءِ وڙهندي رهندي.

” سوچڻ ڏوھُ ته، ڪونھي سائين!

سنڌڙي ڊوھُ ته، ڪونھي سائين” !

اهي سٽون ج ع منگهاڻيءَ جون آهن جنهن سنڌ جي حالتن تي سوچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهي سٽون سنڌ جي ڪھاڻيءَ جيان آهن جنهن جا ڪردار تڪليف ڀوڳي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي مٿان خلاف آيل نوٽيس ۽ طلبي سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪير ٻڌائيندو ته سنڌ ۾ 18 سالن کان جهموريت آهي يا آمريت؟ ايئن ڪڏهن به ڪو نه ٿيندو پناهگيرن کي سنڌ ۽ سنڌين ڪافي برداشت ڪيو آهي جڏهن سندن مفاد اچي  ته الڳ صوبي جي ڳالهه ڪن ٿا، هاڻي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو آهي هاڻي برداشت ختم ٿي چڪي آهي، سنڌ کي فلسطين ٿيڻ ڪو نه ڏبو. سنڌ ﷲ جي بڻايل ڌرتي آهي جنهن تي صرف شاھ عنايت شھيد جي ڳالهه هلڻي آهي "جو کيڙي سو کائي” . سنڌ جو محافظ وقت آهي ۽ وقت جي اڳيان هٿرادو ڪيتريون ئي طاقتون هارائي مٽيءَ ۾ ملي چڪيون آهن.سنڌي قوم ڏاتار قوم آهي جنهن سدائين ڏنو آهي، موجوده 18 سالن جي تصوير کي پنج هزار سالن جي تصوير سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي ج ع منگهاڻيءَ جون اهي سٽون روح ۾ ڌرتيءَ جي تسبيح جيئن هُرنديون آهن :

"ڪٿان ڪٿان کان اچي آفتون وريو آهن؟

اسانجي سنڌ کي مولا! امانَ ۾ رکجان”.

جنهن ڌرتيءَ جي پارت رب پاڪ کي ٿيل هجي اها ڌرتي ڀلا ڪيئن نه سلامت رهندي!؟ سنڌ سچائيءَ جي اها ندي آهي جيڪا سمنڊ جي ڪوڙاڻ کي چمي ڏئي مٺو ڪري ڄاڻي ٿي سنڌ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو عيان اظهار آهي. سياسي پراڻيون ڌنون بيزار ڪندڙ آهن ۽ نئون دور آهي نئين دنيا نئين سنڌ آهي، حڪمرانن جون چالاڪيون موجوده سنڌ ڪاٺين جيئن چلھين ۾ ٻارڻ ڄاڻي ٿي.غير قانوني غير اخلاقي رويا قابلِ قبول ڪو نه آهن. سنڌي قوم جيڪڏهن صوفين جي سرزمين آهي ان مطلب اهو هرگز ناهي ته جبر برداشت ڪندي.

قائد اعظم جيڪو پاڪستان ٺاهيو هو اهو ڪٿي آهي؟ انھيءَ پاڪستان کي ظاهر ڪيو وڃي.سنڌ ته صدين جي سچائي آهي سنڌ روشني آهي سنڌ ساھُ آهي سنڌ زندگيءَ جي ھر بھار جي آجيان آهي.

گوبند مالھيءَ جي جوڙيل ايشا جي قداور تنظيم سنڌي ادبي سنگت اڄ به ساڳي واٽن سان روان دوان آهي، سنڌي ادبي سنگت جا پرامن ڪارڪن گرفتار ڪري رياست پنھنجو ڪردار داغدار ڪري رهي آهي.

هينئر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اڳتي انسان جو سفر جاري  آهي. عالمي سطح تي هيءَ رياست پنھنجو تعارف سھڻو پيش ڪرائي سگهي ٿي.سنڌي قوم کي هيسائڻ بدران انصاف ڏنو وڃي نه ته صبر جي مار خبر نه چار  حڪومت کي پنھنجون نگاهون نئين دور جي رفتار سان کڻڻ گهرجن ڇو جو سنڌڙي ڊوھُ ناهي.

You might also like