1932ع ۾ نون ڪهاڻين ۽ هڪ ناٽڪ تي ٻڌل اهڙو ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو منظرِعام تي اچڻ سان ئي پابنديءَ جو شڪار ٿي ويو. مان جڏهن 2026ع ۾ ”انگاري“ جو مطالعو ڪيو ته ان ۾ پيش ڪيل سماج ۽ اڄ جي سماج ۾ عجيب هڪجهڙائي محسوس ٿي. اڄ به غربت موجود آهي، اڄ به عورتن سان ناانصافي ٿئي ٿي، اڄ به طبقاتي فرق برقرار آهي ۽ اڄ به مذهب کي ڪيترن ئي هنڌن تي طاقت ۽ مفاد جي اوزار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. پر جڏهن مذهبي ۽ سماجي منافقت تي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ليکڪ سجاد ظهير ۽ سندس ساٿين قلم کنيو ته ان وقت جي سماج ۾ ڄڻ باهه ٻري وئي. ڪتاب خلاف 295-A تحت ڪارروائي ڪئي وئي، ان جون ڪاپيون ضبط ڪيون ويون ۽ ساڙيون ويون. ان باوجود لکڻي محفوظ رهي ۽ اڄ به اسان جون اکيون کولڻ، سماجي تضادن کي سمجهڻ ۽ فرسوده نظام کي وائکو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ڪتاب جون باقي بچيل ڪاپيون به هڪ ڊگهي سفر کان پوءِ 1987ع ۾ برٽش ميوزيم ۾ موجود مائڪروفلم ذريعي ٻيهر منظرعام تي آيون ۽ 1995ع ۾ اردو ۾ ٻيهر شايع ٿيون.
ڪتاب ۾ ”گرميءَ جي هڪ رات“، ”دلاري“، ”جنتي“، ”اوجاڳو“ ۽ ”ساڳيا ڪيهاٽ ـ هڪ ڀيرو ٻيهر“ سجاد ظهير جون لکيل ڪهاڻيون آهن. مون کي هن ڪتاب ۾ سندس لکڻي سڀ کان وڌيڪ اڄوڪي دور سان ڳنڍيل محسوس ٿي، پر ٻين ليکڪن، جن ۾ راشد جهان، محمود ظفر ۽ احمد علي شامل آهن، تن به پنهنجي پنهنجي موضوعن تي گهٽ جرئت نه ڏيکاري آهي. ڪتاب جون ڪهاڻيون مجموعي طور غربت، طبقاتي فرق، مذهبي منافقت، عورتن جي جبر ۽ سماجي ناانصافيءَ کي موضوع بڻائين ٿيون.
”گرميءَ جي هڪ رات“ ۾ ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سماج جي عڪاسي ملي ٿي، جڏهن هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئا. مسلمان ڪردار نماز جا پابند به آهن، پان کائين ٿا، پر ساڳئي وقت تفريح لاءِ ڪوٺي تي وڃي ناچ به ڏسن ٿا. هتي سجاد ظهير مذهبي سڃاڻپ ۽ انساني عملن جي وچ ۾ موجود تضاد کي به ظاهر ڪري ٿو. هڪ پاسي امير ماڻهو تفريح لاءِ پئسا خرچ ڪن ٿا، مڊل ڪلاس بچت جي فڪر ۾ آهي، ته ٻئي پاسي غريب ماڻهو ان سوچ ۾ پريشان آهي ته گهر ڪيئن وڃان، ٻار بک تي آهن، زال کي ڪهڙو منهن ڏيکاريان ۽ اڄ پئسا نه مليا.
ساڳئي منظر ۾ هڪ غريب ماڻهو اوڌر لاءِ اپيل ڪري ٿو، پر کيس اوڌر به نٿي ملي. امير وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ پئسا آهن، پر غريب جي ضرورت لاءِ نه. اهو تضاد رڳو 1930ع واري سماج جو نه، اڄ جو به آهي. جيستائين معاشي نظام جي بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي نه ايندي، تيستائين امير ۽ غريب جو اهو تضاد به ختم نه ٿيندو. سجاد ظهير جنهن سادگيءَ سان غريب جي پيڙا ۽ امير جي بيحسي کي سامهون آڻي ٿو، اها ڳالهه اڄ به ايتري ئي لاڳاپيل لڳي ٿي.
”دلاري“ ۾ طبقاتي فرق وڌيڪ ذاتي ۽ نفسياتي سطح تي سامهون اچي ٿو. هڪ غريب نياڻي دلاري هڪ اهڙي امير شخص سان محبت ڪري ٿي، جيڪو بظاهر ترقي پسند آهي ۽ اوچ نيچ جي نظام کي نٿو مڃي. هو دلاريءَ سان محبت جو اظهار به ڪري ٿو، پر کيس خبر آهي ته ساڻس شادي نه ڪري سگهندو. آخرڪار هو پنهنجي ئي طبقي جي هڪ نفيس عورت سان نڪاح ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي طبقي جي خلاف مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نٿو ڪري.
دلاريءَ لاءِ هي تجربو رڳو محبت ۾ ناڪامي نه، پر پنهنجي طبقاتي حيثيت جو هڪ اذيتناڪ احساس بڻجي وڃي ٿو. هوءَ ڊگهي عرصي لاءِ گم ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن ٻيهر ملي ٿي ته اهڙي بازار ۾، جتي عورتن جا جسم وڪامندا آهن. پوءِ کيس عزت جي نوڪريءَ جي آڇ ڪئي وڃي ٿي ۽ هوءَ واپس اچي ٿي، پر جڏهن پنهنجي محبوب کي ڪنهن ٻي عورت سان ڏسي ٿي ته سندس دل ٻيهر ٽٽي وڃي ٿي. محبوب جو رويو اهڙو آهي ڄڻ کيس ڪو فرق ئي نه پيو هجي ته دلاري ايترو عرصو ڪٿي هئي. آخرڪار هوءَ ٻيهر گهر ڇڏي گم ٿي وڃي ٿي.
هيءَ ڪهاڻي محض محبت جي ڪهاڻي ناهي؛ اها طبقي، ذات، عزت، عورت ۽ انساني وجود جي قدر بابت ڪهاڻي آهي. غريب ماڻهوءَ کي روزاني زندگيءَ ۾ جيڪا ذهني اذيت برداشت ڪرڻي پوي ٿي، اها هتي ڪنهن وڏي نعري بدران هڪ ذاتي ڪهاڻيءَ وسيلي سامهون اچي ٿي. سجاد ظهير نفسياتي، طبقاتي ۽ سماجي تضاد کي نهايت سادن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي. اهو ڪو لڪل سچ نه، پر اسان جي سماج جو ظاهر سچ آهي.
”جنتي“ ۾ هڪ پوڙهي ملان جو جنت بابت تصور ۽ سندس خواب طنزيه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وڏي عمر ۾ شادي ڪندڙ ان پوڙهي شخص ۽ سندس نوجوان زال جي لاڳاپن وسيلي سجاد ظهير مذهبي تصور، انساني خواهشن ۽ سماجي منافقت تي طنز ڪري ٿو. هي ڪهاڻي پڙهندي سجاد ظهير جي مزاح کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. هو مذهب تي رڳو سڌو حملو نٿو ڪري، پر اهو به ڏيکاري ٿو ته هڪ عام ماڻهو مذهب کي پنهنجي خواهشن، خوفن ۽ مفادن سان ڪيئن ڳنڍي ٿو.
”اوجاڳو“ ۾ بک، بيماري ۽ بدحاليءَ جو منظر آهي. ماءُ بيمار آهي، پر علاج لاءِ پئسا ناهن. گهر ۾ ٻار پيدا ٿيندا وڃن ٿا، پر کين پالڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن. ليکڪ هن ذهني اذيت کي ڪٿي ڪٿي مزاح جي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، پر جيڪڏهن ٿورو ترسي سوچجي ته ان جي پويان هڪ تمام ڳرو سوال بيٺو آهي: ڇا ڪرنسي انساني زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي آهي؟ جڏهن انسان ئي نه رهندا ته ڪاغذ جا اهي پئسا ڇا ڪندا؟ جنهن ڌرتيءَ تي انسان رهي ٿو، جتي خوراڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ پاڻي موجود آهي، اتي انسان بک ۽ بدحاليءَ ۾ ڇو مري؟
هن ڪهاڻيءَ ۾ بيمار ماءُ جي خواهش آهي ته سندس پٽ جي شادي ٿئي، هوءَ پوٽا پوٽيون ڏسي. پر سندس زندگي پوري ٿي وڃي ٿي. ماءُ هلي وڃي ٿي، پر پويان پنھنجي پٽ، نھن ۽ سندن ٻارن کي ڇڏي وڃي ٿي. غربت رڳو بک پيدا نٿي ڪري؛ اها گهرن جي اندر نفسياتي دٻاءُ، جهيڙا ۽ انسانن جي مزاج ۾ تبديليون پڻ پيدا ڪري ٿي. هتي ”اوجاڳو“ رڳو هڪ شخص جي ننڊ وڃائڻ جو نالو نه، پر سڄي طبقي جي بيچينيءَ جو استعارو بڻجي وڃي ٿو.
هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ۾ ٻن عورتن جي گفتگوءَ ذريعي مذهبي پابندين ۽ عورت جي آزاديءَ جو سوال اڀاريو ويو آهي. عورتون پنهنجي مرضيءَ سان وار به نٿيون ڪوڙائي سگهن. گرميءَ ۾ وڏو ڪارو برقعو پائڻو پوي ٿو، جنهن ۾ سندن ساهه گهٽجي وڃي ٿو، ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ اهي سوچين ٿيون ته جيڪڏهن ڪو ٻيو مذهب هجي ها ته شايد ڪجهه وڌيڪ آزادي ملي ها. پوءِ پاڻ ئي ڊڄي وڃن ٿيون ته ڪٿي ڪو ٻڌي نه وٺي.
هيءَ ڳالهه خاص طور تي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سجاد ظهير اهڙي ڳالهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا شايد عورتون ۽ مرد پنهنجي ذهن ۾ سوچيندا هجن، پر کليل نموني ڳالهائڻ کان ڊڄندا هجن. ليکڪ سماج جي اندر لڪل گفتگوءَ کي ڪردارن جي واتان ٻاهر آڻي ٿو. ساڳئي تسلسل ۾ هڪ ننڍڙي ٻار کي نانگ چڪ هڻڻ جو واقعو به انتهائي اثرائتو آهي. غريب خاندان وٽ علاج لاءِ پئسا ناهن. زهر سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ ٻار مري وڃي ٿو. پوءِ ڪفن دفن لاءِ به پريشاني شروع ٿي وڃي ٿي. مالڪ ٿورا پئسا ڏئي پنهنجي ذميواري پوري ڪري ٿو ۽ واپس پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پرفيوم هڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس غريبن مان ڌپ اچي ٿي. هي ننڍڙو منظر ٻڌائي ٿو ته معاشي نظام صرف دولت جي ورڇ ۾ فرق پيدا نٿو ڪري؛ اهو انسانن جي وچ ۾ احساس جو فرق به پيدا ڪري ٿو.
هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جي گڏجاڻي ڏيکاري وئي آهي. عورتون اڪثر گهرن تائين محدود آهن، تنهنڪري جڏهن هڪ پيسي واري عورت کي ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هوءَ واپس اچي ٿي ته پاڙي جون عورتون گڏ ٿي سندس سفر جا قصا ٻڌن ٿيون. ان گفتگوءَ مان عورت جي زندگيءَ جون اهي ڏکيائون سامهون اچن ٿيون، جيڪي مرداڻي سماج ۾ عام سمجهيون وڃن ٿيون. اڄ به ڪيترين عورتن جي زندگي رڳو گهر، ماني ۽ گهر جي ذميوارين تائين محدود آهي؛ ڄڻ ٽن وقتن جي ماني ملڻ ئي مڪمل زندگيءَ جي ضمانت هجي.
احمد علي جي ”ڪڪر نه ايندا“ ۾ هڪ ملان جي سوچ وسيلي انگريزيءَ کي ”ڪافرن جي ٻولي“ سمجهڻ واري ذهنيت تي طنز ملي ٿو. ساڳئي وقت ٻن ڇوڪرين جي گفتگوءَ ۾ اها خواهش ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪڏهن هو عيسائي هجن ها ته شايد کين وڌيڪ آزادي ملي ها. ڪهاڻيءَ ۾ ان دور جي سياست ۽ برطانوي سامراج جو حوالو پڻ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت مذهبي پابندي، عورت جي آزادي ۽ سامراجي اقتدار جا سوال هڪ ئي فريم ۾ اچي وڃن ٿا.
”سياري جي برسات جي رات“ ۾ احمد علي مذهبي تصور سان هڪ ٻيو تجربو ڪري ٿو. هڪ شخص کي هڪ فرشتو نظر اچي ٿو، جنهن کي هو پهريان موت جو فرشتو سمجهي ٿو، پر پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته اهو وحي آڻيندڙ فرشتو آهي. گفتگوءَ ۾ هڪ اهم سوال اڀري ٿو جڏهن ڪنهن عقيدي ۾ سوال ڪرڻ جي جاءِ ختم ٿي وڃي ته سوچ جي آزاديءَ جو ڇا ٿيندو؟ اهڙا سوال ان زماني ۾ لکڻ ئي پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي جرئت هئي.
راشد جهان جو ناٽڪ ”پردي جي پويان“ عورت جي زندگيءَ کي وڌيڪ سڌي ۽ بيباڪ انداز ۾ سامهون آڻي ٿو. ٻن عورتن جي گفتگوءَ ذريعي ظاهر ٿئي ٿو ته عورت کي ڪيئن ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهيو وڃي ٿو. هڪ عورت بيماريءَ باوجود گهر جو سمورو ڪارونهوار هلائي ٿي، جڏهن ته مڙس جا لاڳاپا، ٻي شاديءَ جون ڌمڪيون ۽ مسلسل ذهني تشدد سندس زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏين ٿا. ٻي عورت ظاهري طور وڌيڪ خوشحال گهرو زندگي گذاري رهي آهي، پر سندس پٽ هڪ عيسائي عورت سان پيار جو پرڻو ڪري ٿو ته هوءَ پاڻ کي ئي ڏوهي ۽ بدقسمت سمجهڻ لڳي ٿي. ٻنهي عورتن جي گفتگوءَ ۾ هڪ ئي بنيادي سوال موجود آهي: مرداڻي سماج ۾ عورت جي پنهنجي زندگي، خواهش ۽ فيصلن جي حيثيت آخر ڪٿي آهي؟
راشد جهان جي لکڻيءَ جي بيباڪي مون کي خاص طور متاثر ڪيو. اهڙين ڳالهين کي، جيڪي عام طور تي گهرن اندر دٻائي ڇڏيون وينديون آهن، ايتري سڌي ريت لفظ ڏيڻ آسان ڪم نه هو. اڄ به اهڙي لکڻي گهٽ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙ کي رڳو ڪهاڻي نه ٻڌائي، پر کيس پنهنجي ئي سماج جو چهرو ڏسڻ تي مجبور ڪري.
سو ”انگاري“ رڳو 1932ع جو ڪتاب ناهي؛ اهو سماج سان سوال ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. ان جي اهميت رڳو ان ڳالهه ۾ ناهي ته ان تي پابندي لڳي يا ان جون ڪاپيون ساڙيون ويون. ان جي اصل اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته پابنديءَ کان پوءِ به ان جا سوال ختم نه ٿيا.غربت بابت سوال اڄ به موجود آهن. عورت جي آزادي بابت سوال اڄ به موجود آهن. طبقاتي فرق اڄ به موجود آهي. مذهبي منافقت ۽ سوال ڪرڻ تي پابنديءَ جا مسئلا به اڄ اسان جي وچ ۾ موجود آهن. ان ڪري انگاري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته اسين هڪ صدي اڳ لکيل سماج جو مطالعو نه ڪري رهيا آهيون، پر ڪنهن حد تائين پنهنجو ئي سماج پڙهي رهيا آهيون.
شايد ”انگاري“ جو سڀ کان وڏو سبق اهو ئي آهي ته جنهن سماج ۾ سوال ڪرڻ کي خطرو سمجهيو وڃي، اتي سوال ڪرڻ پاڻ هڪ مزاحمت بڻجي وڃي ٿو. ۽ شايد ان ئي سبب ڪري، 1932ع ۾ لکيل هي ڪتاب 2026ع ۾ به ايترو ئي زنده محسوس ٿئي ٿو.