عمران خان جو پراڻي ساٿي اڪبر ايس بابر کي پيغام

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان طرفان جيل مان پنهنجي اڳوڻي ويجهي ساٿي ۽ پارٽي جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر ڏانهن اهم پيغام موڪلڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي. ان معاملي جي تصديق ڪندي اڪبر ايس بابر چيو آهي ته اهو پيغام عمران خان جي هڪ پراڻي گڏيل دوست ذريعي کيس پهچايو ويو، جيڪو پاڻ به جيل ۾ آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر دعويٰ ڪئي ته عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جڏهن هو جيل مان آزاد ٿيندو ته سڀ کان پهريان اڪبر ايس بابر جي گهر ويندو. ان کان علاوه عمران خان پي ٽي آءِ جي شروعاتي دور سان لاڳاپيل ميمبرن، ناراض اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ٻيهر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي.ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان پنهنجي پيغام ۾ پي ٽي آءِ جي شروعاتي دور ۾ ساڻس گڏ رهندڙ ماڻهن کي پارٽي جو اثاثو ۽ پنهنجا مخلص ساٿي قرار ڏنو ۽ چيو ته پارٽي جي بنياد رکڻ ۽ شروعاتي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي رهي آهي، هاڻي ضرورت آهي ته انهن ماڻهن کي ٻيهر ويجهو آندو وڃي.اڪبر ايس بابر ٻڌايو ته عمران خان جو پيغام ملڻ کان پوءِ هن پي ٽي آءِ جي ناراض باني اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پنجاب سينيئر نائب صدر رانا سهيل جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا اڳوڻا باني اڳواڻ امين ذڪي، فيصل پيرزادو ۽ آءِ ايس ايف جو باني اڳواڻ آصف احمد شامل آهن.هن چيو ته ڪميٽي پي ٽي آءِ جي انهن شروعاتي ساٿين سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي مختلف سببن جي ڪري پارٽي کان ناراض ٿيا يا الڳ ٿي ويا هئا. عمران خان طرفان آيل پيغام تي ناراض ۽ باني ميمبرن جو ردعمل مثبت رهيو آهي.اڪبر ايس بابر چيو ته عمران خان سان منهنجا به ڪي ذاتي اختلاف نه، پر سياسي اختلاف رهيا آهن. جيڪڏهن عمران خان منهنجي گهر آيو ته مان سندس گرمجوشي سان استقبال ڪندس ۽ کيس ڀاڪر پائيندس.

You might also like