اسلام آباد(بيورو) وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته صوبن جي ڳالهه اچي ته عزت ۽ غيرت ياد اچي وڃي ٿي، پر جڏهن ٻار گٽرن ۾ ڪري مرن ٿا ته ڪنهن جي غيرت ڇو نٿي جاڳي؟پاڪستان فارما هيلٿ ڪيئر ايڪسپو کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ ٿي، جنهن ۾ الله پاڪستان کي فتح عطا ڪئي. هنجو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام ضروري آهي. وفاق هر سال 8 هزار 884 ارب رپيا صوبن ۾ ورهائي ٿو. ايتري وڏي رقم چئن وڏن وزيرن کي ملي وڃي ٿي، پر فنڊن کي يونين ڪائونسلن (يو سيز) تائين پهچائڻ جو ڪو نظام موجود ناهي.هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ڪيترن ئي ملڪن کان وڏا آهن، سنڌ 165 ملڪن کان وڏو آهي، جڏهن ته بلوچستان 180 ملڪن جي رقبي کان وڏو آهي.هن جو چوڻ هو ته جڏهن پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ 70 لک هئي، تڏهن به 4 صوبا هئا، هاڻي آبادي ساڍا 26 ڪروڙ ٿي چڪي آهي، پر اڃا تائين چار ئي صوبا آهن. سري لنڪا ۾ 9، ايران ۾ 23 ۽ ڀارت ۾ به ڪيترائي صوبا آهن. صوبن جي قيام سان ملڪ ٽٽندو ناهي، پر وڌيڪ مضبوط ٿيندو آهي. هن چيو ته هاڻي وزيراعظم جو ڪم گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ ناهي، پر نظام کي مضبوط بڻائڻ آهي. سمورين سياسي جماعتن کي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ موجوده معاملن جو آئيني حل ڪڍڻ گهرجي.