سنڌي ٻاراڻي ادب جو املهه هيرو اڪبر جسڪاڻي

عبدالحئي ڀٽو

جوهيءَ ۾ جنم وٺندڙ اڪبر جسڪاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو اهو درويش صفت ۽ تجليدار هيرو هو، جنهن پنهنجي خوبصورت تخليقن ذريعي سنڌ جي معصوم ۽ اٻوجهه ٻارڙن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڪبر صرف هڪ نالو نه پر سنڌي ٻارن جي فڪري سجاڳي، علمي واڌاري ۽ تخليقي آبياري جو هڪ روشن باب آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ٻارن جي خوشين، انهن جي تعليم ۽ انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. اڪبر جسڪاڻي جوهيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو ۽ ان جون باقاعده گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد مان اڪبر ۽ راهي چنا خاص طور تي ايندا هئا. هن وقت جوهيءَ ۾ جيڪا ترقي يافته، باشعور ۽ ادبي ڪميونيٽي موجود آهي، ان ۾ اڪبر جسڪاڻيءَ جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. هو پنهنجن ساٿين کي هميشه سچي راءِ ڏيندو هو ۽ سچ لکڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. اڪبر ڏاڍ ۽ جبر جي اڳيان ڪڏهن نه جھڪيو، ۽ پنهنجي قول ۽ فعل سان هميشه مظلومن جي حمايت ڪئي.

اڪبر جسڪاڻي سنڌ جي ٻارڙن سان بي انتها ۽ بي پناهه محبت ڪندو هو. هو اڪثر اها ڳالهه ورجائيندو هو ته ٻار اسان جو ايندڙ مستقبل آهن، انهن کي صحيح نموني تعليم ۽ تربيت ڏيارڻ گهرجي. هو معصوم گلن کان جبري پورهيو وٺڻ جي سخت خلاف هو ۽ ٻارن جي بنيادي حقن جي احترام تي هميشه زور ڏيندو هو. اڪبر جسڪاڻيءَ جي ڀاڻيجي عابده جسڪاڻي پنهنجي چاچي کي ياد ڪندي ڏاڍي خوبصورت لفظن ۾ لکي ٿي ته ماما اڪبر منهنجي نظر ۾ هڪ مهان ۽ عظيم شخص هو، جيڪو ننڍي وڏي جي عزت ۽ پيار ڪرڻ وارو هو. ماما اڪبر انسان ته هو، پر مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ فرشتو هجي، جيڪو هن دنيا ۾ ائين پيو لڳي ته هن ڀرئي جهان ۾ ڪنهن قدر نه ڪيو هجي. هو دوستن جو سٺو دوست هو، دشمن کي به دوست سمجهي سٺا مشورا ڏيندو هو ۽ سٺيون ڳالهيون سيکاريندو هو. سندس طبيعت بلڪل سادي ۽ ٻاراڻي هئي، هو ٻارڙن سان گڏ راند ڪندو هو ۽ هر ڪنهن کي پاڻ جهڙو سادو ۽ معصوم سمجهندو هو.

صوفي، درويش ۽ بزرگ صفت انسان هو. هو امن پسند، من جو صاف ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب جو وڏو مداح هو. شاعريءَ جي حوالي سان هو ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ ليکڪن جي هڪ وڏي جماعت تيار ڪئي. کيرٿر پهاڙن جي آغوش ۾ رهندڙ ٻارن سان گڏوگڏ ٿر، ڪاڇي، لاڙ ۽ اتر جي ٻالڪن لاءِ رات جو ويهي اصلاحي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري لکڻ سندس زندگي جو بنيادي مقصد هو. هو ماهوار ”گل ڦل“ رسالي جو اڳوڻو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن سنڌي ٻارن جي ذهنن کي روشن ڪرڻ ۾ پنهنجو سڄوپڻو لکائي ڇڏيو. هو سنڌي ٻارن جو اهو سرواڻ هو، جنهن ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪري ٻارن جي ادبي تربيت ڪئي ۽ کين ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. تاريخ کيس ڪڏهن به وساريندي ڪانه، هو اڄ به سنڌ جي هزارين ٻارن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هميشه رهندو.

اڄ 13 آگسٽ 2026ع تي ماهوار گل ڦل رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻيءَ جي 27هين ورسي جي موقعي تي کيس پنهنجي ادبي، فڪري ۽ سماجي خدمتن تي زبردست ڀيٽا پيش ڪجي ٿي. هن جو انسان دوست، درويش صفت ۽ امن پسند ڪردار سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه روشنيءَ جو منارو بڻيل رهندو. هن جي دوستي هميشه سادڙن، پيرن اگهاڙن ۽ مسڪين ٻالڪن سان هوندي هئي، جيڪا هن جي عظيم ۽ بي لوث شخصيت جو واضح ثبوت آهي. آخر ۾ سندس ئي اهي امر سٽون کيس ارپجن ٿيون، جيڪيون سندس اندر جي اجالي، درد ۽ ڪوملتا جو عڪس آهن:

ڪي ماڻهو اندر جا ڏاڍا ڪومل هوندا آهن،

ٻين کي کلائي کلائي، لڙڪ اکين مان لاڙيندا آهن.

سندن من ۾ اٿاهه درد سمايل هوندو آهي،

پر ڪنهن کي لکا به نه ڏيندا آهن.

ائين! هو ٻين کي کلائيندي کلائيندي غمن جي سمنڊ ۾ لڙهي ويندا آهن،

پوءِ فقط انهن جون يادون رهجي وينديون آهن.

You might also like