ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پورهيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاهه سنڌ جو ورهاڱو ملڪي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ لوڪل حڪومت ۽ بلدياتي نظام بابت واضح معاملو موجود آهي، آئين جي آرٽيڪل 140-A ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هر صوبو پنهنجي قانونسازي ذريعي مقامي حڪومتن جو نظام قائم ڪندو ۽ خاص اختيار هيٺ منتقل ڪندو يعني مقامي حڪومتن ۽ بلدياتي نظام جو ٽين درجي طور تعلق صوبن سان آهي.فيس بُڪ تي هڪ پوسٽ ۾ مسرور شاهه چيو ته وفاقيت جي اصول تحت صوبا خودمختيار رياستون آهن، جن وفاق کي جوڙيو آهي، ان ڪري انهن جي جاگرافيائي وحدت کي تحفظ حاصل آهي، جيئن آئين ۾ وفاق کي ٽوڙڻ جي گنجائش ناهي، اهڙي طرح صوبن کي به ٽوڙڻ جي گنجائش ناهي، صوبائي مالياتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن سان گڏ خودمختيار لوڪل حڪومت کي به مالياتي ورڇ ۾ شامل ڪري انهن جا حصا مٿان کان طئي ڪيا وڃن، لوڪل حڪومتن جون چونڊون ۽ نگران سيٽ اپ به وفاق ۽ صوبن جي طرز تي قائم ڪيا وڃن، هن وقت نون صوبن، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سامونڊي پٽي کي فيڊرل ڊيولپمينٽ اٿارٽي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون به اهڙي ئي سيٽ اپ ڏانهن وڌڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، بنيادي هدف ڪراچي ۽ سامونڊي پٽيءَ تي قبضي جو آهي.