مير رضا ڪيس ۾ پوليس کان ڪوتاهيون ٿيون، آءِ جي سنڌ جو اعتراف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو مير رضا قتل ڪيس ۾ پوليس جي ڪوتاهين جو اعتراف ڪري ورتو.
سنڌ بار ڪائونسل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جاويد عالم اوڍو چيو ته وڪيل ۽ پوليس هڪ ئي ڪرمنل جسٽس سسٽم جو حصو آهن، وڪيل سپريم لائسنسنگ اٿارٽي آهن ۽ مٿن وڏي ذميواري آهي.
هن چيو ته اسان هتي مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن جا حل ڳولڻ لاءِ آيا آهيون، 7 مهينن دوران 27 هزار پوليس اهلڪارن کي سزائون ڏنيون آهن. سنڌ بار ڪائونسل پنهنجي اختيارن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري، وڪيل پڙهيل لکيل طبقو آهن، گڏجي ڪم ڪنداسين ته نظام مضبوط ٿيندو، ٿاڻن جو گهيراءُ نه ٿيندو، گڏجي ويهي مسئلا حل ڪنداسين.
آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته هڪ لک 60 هزار پوليس اهلڪارن مان هڪ لک 32 هزار اهلڪار ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر آهي، جڏهن ته شهر ۾ ڏوهن ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
مير رضا ڪيس بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته مير رضا جو قتل افسوسناڪ آهي، مير رضا واقعي ۾ ڪوتاهيون ٿيون آهن.
هن چيو ته قتل ڪيس تي هاڻي نئين ميڊيڪو ليگل رپورٽ جي روشني ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته شفاف ۽ آزاداڻي جاچ ڪئي وڃي.
جاويد عالم اوڍو کان سوال ڪيو ويو ته مير رضا جي خاندان پراڻي جاچ ٽيم خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته قانون موجب جيڪا ڪارروائي ٿيندي، اها ڪئي ويندي، هن وقت جاچ جاري آهي، وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.

You might also like