روسي ”شيڊو فليٽ“ کي ڪجهه ٿيو ته يورپي جهاز به نه بچندا: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي ”شيڊو فليٽ“ جو حصو سمجهي ويندڙ سامونڊي جهازن کي روڪڻ بابت يورپي يونين جي منصوبن تي ردعمل ڏيندي روسي صدر ولاديمير پيوٽن يورپي جهاز ضبط ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
روس جي ڏور اوڀر ۾ جاري سامونڊي مشقن جو مشاهدو ڪندي ڳالهائيندي پيوٽن روسي جهازن جي چر پر لاڳو پابندين کي ”سامونڊي ڦرلٽ“ قرار ڏنو.
روسي صدر چيو ته جيڪڏهن روسي جهازن خلاف اهڙا قدم کنيا ويا ته ماسڪو جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ اهو هر اهو قدم کڻندو، جنهن کي هو ضروري ۽ مناسب سمجهي، ڀلي اهو ڪٿي به هجي.
پيوٽن وڌيڪ چيو ته روس پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ صورتحال موجب مناسب جواب ڏيندو.
روس تيل جي وڪري تي لاڳو عالمي پابندين کان بچڻ لاءِ ”شيڊو فليٽ“ سڏجندڙ سامونڊي ٻيڙن جو استعمال ڪندو آهي، انهن ۾ اهڙا جهاز شامل آهن، جيڪي ڪنهن قومي جهنڊي کانسواءِ يا غير واضح رجسٽريشن تحت سفر ڪندا آهن.

You might also like