سنڌ جي ورهاڱي بابت سروي نشر ڪرڻ تي اي آر واءِ نيوز کي قانوني نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورهاڱي بابت غلط، ورغلائيندڙ ۽ غير تصديق ٿيل سروي جا نتيجا نشر ۽ عام ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ احمد علي گبول طرفان اي آر واءِ نيوز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
12 آگسٽ 2026ع تي موڪليل قانوني نوٽيس ۾ ايڊووڪيٽ احمد علي گبول موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ جي ڊويزن يا ٻيهر جوڙجڪ بابت نشر ڪيل سروي جا نتيجا غلط، گمراهه ڪندڙ ۽ غير تصديق ٿيل آهن، جيڪي آئيني اسڪيـم، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي قانون ۽ لاڳو ريگيوليٽري فريم ورڪ جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.
ايڊووڪيٽ احمد علي گبول موجب، هو قانون جو پابند، پرامن ۽ ذميوار شهري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ ڄاڻايل نشريات سبب متاثر ڌر آهي.
قانوني نوٽيس ۾ اي آر واءِ نيوز کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اعتراض هيٺ آيل مواد فوري طور هٽايو ۽ واپس ورتو وڃي، ان بابت درستگي ۽ ترديد نشر ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ محفوظ رکيو وڃي.
نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته معاملي بابت آزاد ريگيوليٽري جاچ ڪرائي وڃي ۽ قانوني ذميوارين تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته اهڙي مواد جي ٻيهر نشريات يا ورجاءَ کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.
قانوني نوٽيس ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته درخواستگذار مناسب آئيني ۽ لازمي قانوني داد رسي لاءِ لاڳاپيل عدالت يا فورم سان رابطو ڪندو، جنهن ۾ مواد کي هٽائڻ ۽ واپس وٺڻ، درستگي نشر ڪرڻ، رڪارڊ محفوظ رکڻ، آزاد ريگيوليٽري جاچ ۽ قانوني ذميوارين تي عملدرآمد سميت ٻيا مناسب رليف طلب ڪيا ويندا.
نوٽيس جي ڪاپي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي چيئرمين کي پڻ موڪلي وئي آهي.

You might also like