سوراب ۾ بارود سان ڀريل گاڏي ۾ ڌماڪو، 18 دهشتگرد مارجي ويا، 3 شهري شهيد

سوراب (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي سوراب ۾ دهشتگرد گاڏي ۾ لڳائڻ لاءِ ڌماڪيدار مواد تيار ڪري رهيا هئا ته اهو وقت کان اڳ ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، اتي موجود ٻيو بارودي مواد به ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڦاٽي پيو، جنهن سبب وڌيڪ ڌماڪا ٿيا ۽ واقعي واري هنڌ ڀرسان رهندڙ 3 شهري شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ فوري طور سيڪيورٽي فورسز ۽ بلوچستان پوليس موقعي تي پهچي ويون ۽ ذميوار عنصرن ۽ سهولتڪارن جو پتو لڳائڻ لاءِ گڏيل ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي چرپر جو پتو لڳايو ۽ ڪارروائي ڪندي وڌيڪ 10 ڄڻن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، واقعي ۾ هينئر تائين ڪُل 18 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا 2 جوان به زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like