”ٽام ڪروز مون تي عاشق آهي“ مليڪا شيراوت جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا مليڪا شيراوت دعويٰ ڪئي آهي ته هالي ووڊ جي مشهور اداڪار ٽام ڪروز کي مٿس ڪرش آهي ۽ هو کيس پنهنجون وڊيوز به موڪليندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مليڪا شيراوت ويجهڙ ۾ رليٽي شو ”دي ٽريٽرز“ سيزن 2 ۾ ڳالهائيندي ٽام ڪروز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو.
پروگرام جي نئين سيزن جي هڪ وڊيو ڪلپ ۾ مليڪا شيراوت چيو ته ٽام ڪروز مٿس فدا آهي ۽ هو کيس وڊيوز پڻ موڪليندو آهي.
ڳالهه ٻولهه دوران ڪاميڊين آدتيه ڪُلشريشٺ عرف ڪُلو مليڪا کان سوال ڪيو ته ڇا کيس ڪڏهن ڪنهن تي ڪرش ٿيو آهي يا سڀني کي مٿس ئي ڪرش آهي؟
ان سوال تي مليڪا شيراوت جواب ڏنو ته سڀني کي مٿس ئي ڪرش ٿيندو آهي ۽ هن وقت ٽام ڪروز کي به مٿس ڪرش آهي.
اداڪارا دعويٰ ڪئي ته سندس فون ۾ هالي ووڊ اداڪار جون ڪجهه وڊيوز پڻ موجود آهن.
وڊيوز بابت وڌيڪ سوال ڪيو ويو ته مليڪا وضاحت ڪئي ته اهي وڊيوز پارٽي دوران ٺاهيون ويون هيون.
مليڪا شيراوت ٽام ڪروز جي واکاڻ ڪندي کيس هڪ شاندار اداڪار پڻ قرار ڏنو، جڏهن ته ٽام ڪروز طرفان مليڪا جي دعويٰ بابت ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

 

You might also like