ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي، شهري ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مٿانهين ۽ وچين علائقن ۾ 13 آگسٽ کان 15 آگسٽ دوران وڌيڪ برساتون جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، چوماسي هوائون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو پڻ ملڪ جي مٿانهين علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي تازي سسٽم جي اثر هيٺ 12 آگسٽ جي رات کان 15 آگسٽ دوران ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ انڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪشمير جي وادي نيلم، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هنيانا، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور، جڏهن ته گلگت بلتستان جي ضلعن ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزا، گلگت، گانڇي ۽ شگر ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.
اهڙي طرح خيبر پختونخوا جي مٿانهين علائقن دير، چترال، سوات، ڪوهستان، مالاڪنڊ، شانگلا، بٽگرام، مانسهرا، ايبٽ آباد، گليات، بونير، باجوڙ، مهمند، پشاور، نوشهرا، مردان، صوابي، هريپور، ڪرم ۽ خيبر ۾ پڻ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
اتر اوڀر پنجاب جي علائقن مري، سيالڪوٽ، نارووال، منڊي بهاءُالدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، لاهور، اوڪاڙا، قصور، شيخوپورا ۽ ننڪانه صاحب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات پڻ ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب، 13 آگسٽ جي شام يا رات کان 15 آگسٽ دوران اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پوٽوھار جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي طوفاني برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي 12 آگسٽ جي رات کان 15 آگسٽ دوران سرگوڌا، فيصل آباد، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، خوشاب، ليه، ڀڪر، نورپور ٿل، ساهيوال، پاڪپتڻ، بهاولنگر، بهاولپور، ڊيرا غازي خان، زوب، بارکان ۽ موسيٰ خيل ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي 12 ۽ 13 آگسٽ تي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ موسم جهڙالي رهڻ سان گڏ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ انڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهندي.
موسميات کاتي موجب، تيز برسات سبب اسلام آباد، راولپنڊي، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور جي هيٺاهين علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي خيبر پختونخوا جي دير، چترال، سوات، ڪوهستان، بونير، بٽگرام، مانسهرا، هريپور، ايبٽ آباد، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي سياحن کي هدايت ڪئي آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير، مري، گليات ۽ خيبر پختونخوا جي ٻين جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، تنهن ڪري سياح ۽ مسافر موسمي اڳڪٿي دوران احتياط ڪن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪن.

You might also like